ملڪ ۾ ڪٿي تيز برسات ۽ هوائن جو امڪان؟

خميس جي ڏينهن: بالائي / ڏکڻ پنجاب، پوٺوهار علائقو، ڏکڻ اوڀر سنڌ، اتر اوڀر / ڏکڻ بلوچستان، ڪشمير ۽ خيبر پختونخوا ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. هن دوران بالائي پنجاب ۽ ڏکڻ بلوچستان جي ڪجهه هنڌن تي تيز يا ڌماڌار برسات ٿيڻ جي توقع آهي.

جمعي جي ڏينهن: بالائي پنجاب، ڏکڻ اوڀر سنڌ، اتر اوڀر / ڏکڻ بلوچستان، ڪشمير ۽ خيبر پختونخوا ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. هن دوران ڪشمير ۽ ڏکڻ بلوچستان جي ڪجهه هنڌن تي تيز يا ڌماڌار برسات ٿيڻ جي توقع آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران موسم: بالائي خيبرپختونخوا، پنجاب، اسلام آباد، ڪشمير، اتر اوڀر بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات ٿي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز يا ڌماڌار برسات رڪارڊ ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ آلود رهيو.

وڌيڪين برسات (ملی ميٽر ۾):
خيبرپختونخوا: چراٽ 98، بنو 16، پشاور سٽي 01
پنجاب: جهلم 31، منگلا 29، اٽڪ، ملتان سٽي 14، اسلام آباد (ايئرپورٽ 06، گولڙا، زيرو پوائنٽ 01)، گجرات 04، راولپنڊي (چڪلاله، پيڙوداهي 03)، چڪوال 02، سيالڪوٽ، منڊي بهاوالدين 01
ڪشمير: مظفرآباد (ايئرپورٽ 20، سٽي 18)، راولاڪوٽ 05، ڪوٽلي 02
بلوچستان: خضدار 15، ژوب 06
گلگت بلتستان: استور 06، سکردو 01 ملی ميٽر برسات رڪارڊ ٿي.

گذريل ڏينهن ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد: نوڪنڊي 48، دالبندين 47، دادو، سبي ۽ چلاس 44 ڊگري سينٽي گريڊ.

خميس: اسلام آباد ۽ ان جي آسپاس جزوي ابر آلود موسم رهڻ سان گڏ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان. امڪان: 40٪

جمعو: اسلام آباد ۽ ان جي آسپاس جزوي ابر آلود موسم رهڻ سان گڏ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان. امڪان: 40٪

اپنا تبصرہ بھیجیں