سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ چائلڊ لائيف فائونڊيشن (CLF) جي وچ ۾ ڪامياب ڀائيواري صوبي ۾ ٻارن جي فوتگي شرح کي 2.9 سيڪڙو تائين گهٽائي ڇڏيو آهي جيڪو پاڪستان ۾ قومي شرح 5.4 سيڪڙو کان گهٽ آهي


ڪراچي (13 جنوري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ چائلڊ لائيف فائونڊيشن (CLF) جي وچ ۾ ڪامياب ڀائيواري صوبي ۾ ٻارن جي فوتگي شرح کي 2.9 سيڪڙو تائين گهٽائي ڇڏيو آهي جيڪو پاڪستان ۾ قومي شرح 5.4 سيڪڙو کان گهٽ آهي. چائلڊ لائف پاران هلائي ويندڙ ايمرجنسي رومز ۾ ٻارن جي فوتگي شرح فقط 1.2 سيڪڙو آهي جيڪا ملڪ جي بهترين خانگي اسپتالن جي ڀيٽ بهتر آهي. هن اها ڳالهه سنڌ گورنمينٽ اسپتال ۾ ٻارن جي ايمرجنسي رومز ۾ صحت جي سهولتن جي معيار جي عالمي مفاهمت لاءِ منعقد ڪيل ڪانفرنس ۽ ايوارڊ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري بطور خاص مهمان شرڪت ڪئي. هن چائلڊ لائيف فائونڊيشن سان گڏجي سنڌ حڪومت جي اهم ڪاميابين کي اجاڳر ڪيو ۽ هن ڀائيواري کي ڪامياب سرڪاري-خانگي سهڪارجو هڪ نمونو قرار ڏنو جنهن جو مقصد صوبي ۾ ٻارن جي صحت جي سار سنڀال ڪرڻ آهي. وڏي وزير زور ڏنو ته سندس حڪومت يقيني بڻائي رهي آهي ته صوبي جي هر ٻار کي 30 منٽن اندر عالمي معيار جوڳي ايمرجنسي صحت جي سهولتن تائين رسائي هجي جيڪي 24/7 ۽ مفت هجن. ٻارن جي فوتگي شرح ۾ گهٽتائي: وڏي وزير چيو ته ڀائيواري سان سنڌ ۾ ٻارن جي فوتگي شرح 2.9 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي جيڪا پاڪستان جي قومي شرح 5.4 سيڪڙو کان گهٽ آهي. چائلڊ لائف پاران هلائي ويندڙ ايمرجنسي رومز ۾ ٻارن جي فوتگي شرح فقط 1.2 سيڪڙو آهي جيڪا ملڪ جي بهترين خانگي اسپتالن جي ڀيٽ بهتر آهي. وڏي وزير چيو ته 2010 کان وٺي سڄي سنڌ ۾ هر سال 10 لک کان وڌيڪ ٻارن جو ايمرجنسي رومز ۾ علاج ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شهيد بينظير آباد ۽ لاڙڪاڻو سميت 9 تدريسي اسپتالن ۾ جديد ايمرجنسي سهولتون قائم ڪيون ويون آهن. ٽيلي ميڊيسن نيٽ ورڪ بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت سنڌ جي سڀني 105 تعلقن ۾ 24/7 ٽيلي ميڊيسن نيٽ ورڪ شروع ڪيو آهي جيڪو ڏورانهن علائقن ۾ پڻ ٻارن جي صلاح مشوري تائين رسائي فراهم ڪندو. هن يقين ڏياريو ته اي ايف فرگوسن شفافيت ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران فراهم ڪيل سڀني فنڊن جو آڊٽ ڪندو. مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت ۽ چائلڊ لائيف فائونڊيشن جي ڪوششن کي بين الاقوامي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سول اسپتال ڪراچي ۾ ٻارن جو ايمرجنسي روم پاڪستان ۾ پهريون سرڪاري شعبي جو مرڪز هو جنهن ليول 5 سيف ڪيئر سرٽيفڪيشن حاصل ڪيو. هن چيو ته هارورڊ بزنس اسڪول پڻ هن ڀائيواري کي قوم جي تعمير لاءِ هڪ ماڊل طور تسليم ڪيو آهي. مستقبل جا منصوبا (2024-2029): وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت جو مقصد ايندڙ پنجن سالن ۾ ٻارن جي فوتگي شرح ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آڻڻ آهي. هن چيو ته سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ 10-25 بسترن جي ايمرجنسي رومن سان گڏ 30 هنگامي نگہداشت مرڪزن جو هڪ نيٽ ورڪ قائم ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته 100 کان وڌيڪ سرڪاري اسپتالن ۾ “ٻارن جي ساهه کڻڻ ۾ مدد” ۽ ٻارن جي ڄمڻ کانپوءِ خانداني منصوبابندي جون خدمتون جهڙوڪ پروگرام متعارف ڪرايا ويندا. وڏي وزير ڊاڪٽرن، عملي ۽ هيلٿ ڪيئر ورڪرن جي محنت جي واکاڻ ڪئي جن ڏکين حالتن جي باوجود ملڪ جي ڪجهه وڏين خانگي اسپتالن کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري. مراد علي شاهه سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي هن مشن ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته سنڌ ۾ هر ٻار کي معياري صحت جي سهولتن تائين رسائي هجي. اسان هڪ اهڙو صحت جو نظام ٺاهي رهيا آهيون جيڪو زندگيون بچائيندو ۽ پاڪستان لاءِ هڪ مثال قائم ڪندو. هن چيو ته اچو ته هڪ صحتمند، مضبوط ۽ روشن سنڌ لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. پروگرام جي شروعات ۾ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ ٽيلي ميڊيسن ڪنٽرول روم جو دورو ڪيو ۽ سسٽم جي آپريشن بابت بريفنگ حاصل ڪئي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزير اعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں