ايندڙ 2 ڏينهن جو موسم… تيز برسات، ٻوڏ ۽ زمين ڇرڻ جو امڪان

• تيز کان انتهائي تيز برسات سبب مري، گليات، مانسهره، ڪوهيستان، ايبٽ آباد، بونير، چترال، دير، سوات، شانگلا، نوشهره، صوابي، مردان، اسلام آباد/راولپنڊي، ڊي جي خان، اتر اوڀر پنجاب، ڪشمير ۽ بلوچستان (بارخان، کوهلو، موسي خيل، ڊيره بگٽي، لورالائي، بولان، ژوب، زيارَت، قلات، خضدار، آوران، لسبيلا) جي مقامي/برساتي نالن ۾ طغياني جو خطرو آهي.
• انتهائي برسات سبب خيبرپختونخوا، مري، گليات ۽ ڪشمير ۾ زمين ڇرڻ (لئنڊ سلائيڊنگ) جو امڪان آهي، جنهن سبب ٽرئفڪ جي آمدرفت متاثر ٿي سگهي ٿي.
• تيز برساتن سبب اسلام آباد/راولپنڊي، گوجرانواله، لاهور، سيالڪوٽ، سرگودها، فيصل آباد، نوشهره ۽ پشاور جا هيٺاهين علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جا امڪان آهن. عام ماڻهن کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.

سومر:
اسلام آباد، خيبرپختونخوا، ڪشمير، پنجاب، اتر اوڀر/ڏکڻ بلوچستان ۽ مٿئين سنڌ ۾ تيز هوائن ۽ گرج چمڪ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪشمير، مٿئين پنجاب، اسلام آباد، پوٺوهار علائقو، خيبرپختونخوا ۽ اتر بلوچستان ۾ ڪي مقاما تيز/موصلادھار برسات به متوقع آهي.

اڱارو:
پنجاب، خيبرپختونخوا، ڪشمير، اتر اوڀر/ڏکڻ بلوچستان، اسلام آباد ۽ مٿئين سنڌ ۾ تيز هوائن ۽ گرج چمڪ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪشمير، پنجاب، اسلام آباد، خيبرپختونخوا ۽ اتر بلوچستان ۾ ڪي مقاما تيز/موصلادھار برسات به متوقع آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن جو موسم:
پنجاب، خيبرپختونخوا، ڪشمير، اتر اوڀر/ڏکڻ بلوچستان ۽ سکر ۾ گرج چمڪ سان گڏ برسات ٿي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي موصلادھار برسات پڻ رڪارڊ ٿي. گلگت بلتستان ۾ موسم انتهائي گرم رهيو.

وڌ کان وڌ برسات (ملی ميٽر):
پنجاب: ڪرور (ليّه) 37، ڪوٽ ادو 31، ڊي جي خان (شهر 22)، ڀکر 23، لاهور (ايئرپورٽ 07 ۽ شهر 04)، نارووال 06، قصور 03، منڊي بهاالدين 02، ملتان (شهر 01)؛
خيبرپختونخوا: ڊي آءِ خان (شهر 18، ايئرپورٽ 03)، باچا خان ايئرپورٽ 16، پشاور (ايئرپورٽ 15، شهر 10)، مالم جبه 10، بنو 04، تخت ڀائي 03، مردان 02؛
ڪشمير: مظفرآباد ايئرپورٽ 21، شهر 20؛
بلوچستان: لسبيلا 15، خضدار 14، زيارَت 06؛
سنڌ: سکر ۾ 01 ملی ميٽر برسات رڪارڊ ٿي.

گذريل ڏينهن رڪارڊ ٿيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد:
نوڪندي 47، دالبندين، چلاس 46، سبّي ۽ دادو ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو.

سومر جو اڳڪٿي:
اسلام آباد ۽ آسپاس جو موسم ابر آلود رهندو، تيز هوائون/گرج چمڪ سان گڏ برسات ۽ ڪجهه هنڌن تي تيز/موصلادھار برسات جو امڪان.

اڱارو جو اڳڪٿي:
اسلام آباد ۽ آسپاس جو موسم ابر آلود رهندو، تيز هوائون/گرج چمڪ سان گڏ برسات ۽ ڪجهه هنڌن تي تيز/موصلادھار برسات جو امڪان.

اپنا تبصرہ بھیجیں