آرڪيالاجي ۽ نوادرات کاتي طرفان سنڌو ماٿري جي تهذيب موهن جو دڙو کي عالمي سطح تي خوبصورت بنائڻ لاء پهريون ڀيرو ٿري ڊي ۾ منصوبو تيار،

موهن جو دڙو(رپورٽر عاشق پٹھان)آرڪيالاجي ۽ نوادرات کاتي طرفان سنڌو ماٿري جي تهذيب موهن جو دڙو کي عالمي سطح تي خوبصورت بنائڻ لاء پهريون ڀيرو ٿري ڊي ۾ منصوبو تيار، تيار ٿيل رٿا منظوري لاء سنڌ حڪومت ڏانهن موڪلي ويندي، رٿا ۾ ميوزيم، ريسٽ هائوس. پارڪون، رهائشي ڪوارٽر، مکيہ گيٽ سميت مليل مجسمن کي خوبصورت ڪري پارڪن ۾ نصب ڪيو ويندو.خوبصورتي جو منصوبو دبئي ۾ انجنئر شايان عباسي کان تيار ڪرايو ويو آهي،

منصوبو منظور ٿيڻ بعد ماڳ پهريون کان وڌيڪ خوبصورت ٿي ويندو. آرڪيٽيڪٽ نويد احمد سانگاهہ. خبر موجب سنڌ جي عظيم تهذيب موهن جو دڙو کي عالمي سطح تي خوبصورت بنائڻ لاء آرڪيالاجي ۽ نوادرات کاتي طرفان پهريون ڀيرو ٿري ڊي ۾ خوبصورت پلان تيا ڪيو ويو آهي. موهن جي دڙي کي خوبصورت ڪرڻ لاء دبئي ۾ رهندڙ انجنئر شايان ڀٽو کان ٿري ڊي ۾ خوبصورتي جي رٿا تيار ڪرائي وئي آهي. اهڙو تيار ٿيل منصوبو سنڌ حڪومت ڏانهن منظوري لاء موڪليو ويندو. منصوبي تحت ماڳ کي عالمي سطح تي خوبصورت بنائڻ لاء موهن جو دڙو جي مکيہ گيٽ. ميوزيم، ريسٽ هائوس جي ڪمرن. پارڪن رستن کي خوبصورت بنايو ويندو. جڏهن تہ پلان ۾ ماڳ جي کوٽائي ۾ مليل مجسمن کي پارڪن ۽ تهذيبي آثارن آڏو وڏي سائيز ۾ تيار ڪري سياحن جي دلچسپي لاء رکيا ويندا. جڏهن تہ پارڪن اندر گل ٻوٽا هڻي خوبصورت ڪيو ويندو. آثارن ۽ پارڪن چوڌاري خوبصورت گرلون لڳايون وينديون. ان ڏس ۾ موهن جو دڙو جي خوبصورت رٿا تيار ڪرائيندڙ موهن جو دڙو جي آرڪيٽيڪٽ نويد احمد سانگاهہ ميڊيا کي ٻڌايو تہ موهن جو دڙو بيوٽيفڪيشن پلان منظور ٿيڻ بعد ان تي مڪمل عمل بعد موهن جو دڙو عالمي معيار مطابق خوبصورت بڻجي ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں