ٺٽو ڊائري

(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)

ٺٽو:پيپلزپارٽي ۾ شامل ٺٽي سجاول جي شيرازي برادران ۽ ٻنهي ضلعن جي پيپلزپارٽي قيادت وچ ۾ سياسي وڇوٽيون وڌي شدت اختيار ڪري ورتيون سجاول مان شيرازين پاران رکرايل ڊي ايف او ۽ ڊي ايڇ او سميت ڪيترن ئي ڪامورن کان چارجون ڇڏرايون ويون شيرازين پاران پيپلزپارٽي جي سياسي تقريبن ۾ مسلسل شرڪت نه ڪرڻ کانپوء پيپلزپارٽي اڳواڻن به شيرازين جي سرگرمين ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو گذريل رات دڙو شھر ۾ ٻنهي ضلعن جي ضلعي قيادت پاران گڏيل طور شھيد ڀٽو جي سالگرھ جي منعقد ڪرايل تقريب ٻنهي ڌرين ۾ سياسي ويڇن کي واضع ڪري ڇڏيو گذريل رات پ پ جي جهوني اڳواڻ ارباب وزير ميمڻ جي ميزباني هيٺ منعقد ڪرايل شھيد ڀُٽي جي سالگرھ تقريب ۾ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي پيپلزپارٽي جي قيادت سميت ٻنهي ضلعن جي اڳواڻن توڙي چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي پر شيرازي مان ڪنھن به شرڪت نه ڪئي شيرازين جو صوبائي ۽ قومي تڪ هجڻ باوجود سجاول مان چونڊيل ايم اين اي اياز شاھ شيرازي ۽ ايم پي اي شاھ حسين شاھ شيرازي شرڪت نه ڪئي سالگرھ تقريب ۾ ٺٽي ضلعي جي ميرپور ساڪرو تڪ تان چونڊيل صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جي پُٽ پ پ اڳواڻ عاشق حسين زرداري ٺٽي جي ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنهور ضلعي اڳواڻن امتياز قريشي محمود عالم شاھ پ پ سجاول جي ضلعي صدر صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ضلعي جنرل سيڪريٽري ايم پي اي ريحانه لغاري ايم پي اي هيي سوهو اڳوڻو ايم پي اي غلام قادر پليجو پير رحماني سميت ٻين شرڪت ڪئي 2 ڏينهن اڳ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس استادن کي مقررين جي آرڊر ڏيڻ لاء سجاول ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ پڻ شيرازين جي ڪنھن به نمائيندي شرڪت نه ڪئي ۽ پ پ اڳواڻن اميدوارن ۾ آرڊر تقسيم ڪيا شيرازين ۽ پ پ اڳواڻن وچ ۾ هلندڙ اندروني اختلاف شدت اختيار ڪري وڃڻ کانپوء سجاول ضلعي ۾ شيرازين پاران مقرر ڪرايل ڪامورن کي پهرين مرحلي ۾ ھٽائي کانئن چارجون ڇڏرايون ويون شيرازين جي حامي ۽ سندن ويجهي مائٽ ڊي ايف او سجاول مدد شاھ کان چارج ڇڏائي کيس ڪراچي اماڻيو ويو ڊي ايڇ او سجاول ڊاڪٽر حنيف ميمڻ کي پڻ بدلي ڪرائي کانئس چارج ڇڏرائي وئي هاء ويز ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي شيرازي حامي ڪامورن کي پڻ ھٽايو ويو پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت پاران شيرازين کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاء سجاول ضلعي اندر ملڪاڻي برادران کي مڪمل طور بااختيار بڻائي ضلعي جو سمورو ڪاروهنوار سندن حوالي ڪيو ويو شيرازين پاران متبادل سياسي رستو نه هجڻ ڪري پيپلزپارٽي ۾ ئي رهي الڳ سياسي سرگرميون جاري رکڻ جو فيصلو پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ارباب وزير ميمڻ ميڊيا سان سان ڳالهيندي چيو ته شيرازي پاڻ کي الڳ گروپ تصور ڪرائي پيپلزپارٽي جي تنظيمي سياسي سرگرمين ۾ شرڪت نٿا ڪن جنهنڪري هاڻي اسان پيپلزپارٽي اڳواڻ به سندن پاران منعقد ٿيندڙ تقريبن ۾ شرڪت نه ڪنداسين ۽ سندن اهڙي رويي بابت پارٽي جي قيادت کي آگاھ ڪيو ويندو

ٺٽو: جھمپير شھر ۾ تعمير ٿيل نئين پھرين ڪينجھر شادي حال جو افتتاح اڄ 7 جنوري اڱاري جي ڏينھن ساڍي ٽين وڳي ضلعي ڪائونسل ٺٽي جو چيئرمين عبدالحميد پنھور ۽ ضلعي ڪائونسل سجاول جو چيئرمين رئيس دانش خان ملڪاني جن ڪينجھر شادي ھال انتظاميہ جي اڳواڻن خدابخش بڪڪ، پپو ميمڻ ديڪوريشن وارو، فقير علي گوھر ٻارڻ، لياقت ٻارڻ سميت ٻين دوستن رئيس جمن خان ملڪاڻي، سردار حاجي منور ھيلايو، شاھنواز لوھار، ذيشان ميمڻ، عبدالرشيد پنھور۽ بين سان گڏجي ڪري ان ۾ پروگرام شروع ڪيا ويندا، جڏھن تہ افتتاح کان اڳ قرآن خواني ڪري ننگر نياز پڻ ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ڪينجھر شادي ھال جھمپير جي انتظاميہ اڳواڻن خدابخش بڪڪ، فقير علي گوھر ٻارڻ، پپو ميمڻ ڊيڪوريش وارو، لياقت علي ٻارڻ ٻڌايو تہ جھمپير واسين سان گڏ سمورن ڪوھستان واسين کي پنھنجون خوشيون پنھنجي ڳوٺن ويجھو ملھائڻ لاء ڪينجھر شادي ھال جوڙايو ويو آھي، جنھن جو افتتاح اڄ 7 جنوري اڱاري جي ڏينھن ساڍي ٽين وڳي ضلعي ڪائونسل ٺٽي جو چيئرمين عبدالحميد پنھور ۽ ضلعي ڪائونسل سجاول جو چيئرمين رئيس دانش خان ملڪاڻي جن ڪندا. ھنن چيو تہ جھمپير واسين سان گڏ سمورن ڪوھستان واسين کي گھرجي تہ ھو پنھنجي سمورين خوشين جا پروگرام ڪينجھر شادي ھال حيدرآباد روڊ جھمپير ۾ منعقد ڪري پنھنجن سان محبتون ونڊي خوشيون ملھائيندا رھن. ھنن چيو تہ افتتاح کان اڳ قرآن خواني ڪرائي ننگر نياز پڻ ڪيو ويندو. ھنن جھمپير شھر واسين سان گڏ ڪوھستان واسين کي صلاح ڏني تہ ھو پنھنجي شادي، ننڍي وڏي ڪاڄ، مڱڻي، سالگرھ تقريب، پارٽين سميت سمورين تقريبن لاء ڪينجھر شادي ھال جھمپير ۾ مناسب ريٽ تي بڪ ڪرائي پنھنجون خوشيون ملھائي سگھن ٿا. جتي ڪينجھر شادي ھال جھمپير جي انتظاميہ ساڻن مڪمل سھڪاري ھوندي.

ٺٽو:ساڏورو سميت ڪوھستاني پٽي ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، رولو ڪتن ڪيترن ئي ماڻھن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، زخمي علاج ھيٺ، ڪوھستان واسين پاران ڪتا مار مھم شروع ڪري رھواسين کي انھن جي آزار مان نجات ڏيارڻ جي گھر ڪري ڇڏي اھي، ان سلسلي ۾ ساڏورو لڳ ڪوھستاني ڳوٺ سڪيلڌو برفت جي ڪيترن ئي رھواسين دانھيندي چيو آھي تہ ساڏورو، سندن ڳوٺ سميت آسپاس جي علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌڻ ڪري ڪوھستان واسي سخت پريشان آھن، ھنن چيو تہ رولو ڪتا انھن تي حملا ڪري انھن کي ڏارھي زخمي ڪري ڇڏين ٿا، ھن وقت بہ ڪيترن کي مرد، عورتن سميت ٻارڙن کي ڏاڙھي زخمي ڪرڻ سميت رلو ڪتن سليم برفت جي گھر واري کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو جيڪا ھن وقت فوت ٿي ويئي آھي، جڏھن تہ ساماني برفت جي ڌيء سميت ڪيترن ئي ماڻھن کي رولو ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪيو آھي، جيڪي ھن وقت علاج ھيـٺ اھي، پر انتظاميہ رولو ڪتن کي مارڻ لاء ڪا بہ ڪتا مار مھم شروع ڪري ناھي سگھي، جنھن ڪري ڪوھستان واسي خوف ۾ ورتل آھن، ھنن گھر ڪئي تہ فورن ڪتا مار مھم شروع ڪري ڪوھستان واسين کي رولو ڪتن جي آزار مان نجات ڏياري وڃي.

ٺٽو:يوسي ڄنگھڙي جي ڳوٺ الھبخش شورو جي ڪيترن ئي متاثر رھواسين پاران سندن ڪوھستاني زمينن جا کاتا نہ ٺھڻ خلاف احتجاج ڪري دانھيندي شفيع محمد شورو، ميان بخش، ديدار، گلشير، ايوب، شوڪت شورو ۽ بين چيو تہ وٽن پاڪستان ٺھڻ کان اڳ زمينن جا کاتا موجود آھن، ان ھوندي بہ انھن زمينن جا کاتا اڃان تائين ري رائيٽ ٿي ناھن سگھيا، ھنن الزام ھڻندي چيو تہ روينيو کاتي ٺٽي جي عملدارن ڪوھستاني زمينن جو رڪارڊ ئي گم ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري رڳو آسرا ڏنا پيا وڃن، ھنن انڪشاف ڪندي چيو تہ کين خدشو آھي ڪٿي تہ سندن کاتن وارين زمينن کي ئي نہ تين وال ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو ھن کان اڳ ئي مختلف طريقن سان ڪوھستاني زمينن جي وڏي ايراضي تي قبضا ۽ والارن ٿي چڪيون آھن، جيڪي بہ اڃان تائين ختم ٿي ناھن سگھيون. ھنن گھر ڪئي تہ سندن ڪوھستاني زمينن جا کاتا فورن ري رائٽ ڪري کين پريشاني کان بچائي ڪوھستان واسين جا ڳوٺ پڪا ڪري کين سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن. ٻئي صورت ۾ کين پنھنجا حق ملڻ تي سندن پرامن احتجاج جاري رھندو.

ٺٽو: مڪلي تي ڊگري ڪاليج ٺٽو ۾ قائم بسپ سينٽر تي من پسند عورتن کي ايجنٽن ذريعي رقم جي ادائيگي ۽ ڪٽوتين خلاف متاثر عورتن پاران مڪلي تي ٺٽو/ڪراچي قومي شاهراه تي ھڪ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ ھڪ طرف في عورت کان ايجنٽن ذريعي هڪ هزار کان 15 سئو روپين تائين ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف من پسند عورتن کي بسپ جا پئسا ڏياري باقي اسان مستحق عورتن کي سڄو ڏينھن بيهاري مختلف بهانه بڻائي واپس اماڻي پريشان ڪيو وڃي ٿو، ھنن وس وارن کي ھن معاملي جو نوٽيس وٺي ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيس هولڊرز ۽ ايجنٽ مافيا خلاف ڪارروائي ڪري اسانکي وقت سر بسپ جي قسط جي رقم ڏياري پريشاني کان بچايو وڃي. ياد رھي تہ عوامي شڪايتن تي ٺٽي ۽ مڪلي جي ڪيترن ئي ڊوائيز ھولڊرن کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري دوائيز ھولڊر گھٽ ھجڻ ڪري مستحق عورتن کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن، ٻڌايو پيو وڃي تہ ضلعي ٺٽي ۾ 180 ڊوائيزن مان 60 کان وڌيڪ ڊوائيزن کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو اھي، جنھن بعد ڊوائيز ھولڊرن تحرڪ وٺي بليڪ لسٽ ٿيل دوائيزن کي بحال ڪرائڻ جي جتن ۾ لڳي ويا اھن، پر اڃان تائين بليڪ لسٽ ٿيل ڊوائيزون بحال ٿي ناھن سگھيون، جنھن ڪري مستحق عورتون سخت پريشان آھن، ياد رھي تہ ھن کان اڳ ضلعي ٺٽي جون 87 ھزار مستحق عورتون ھيون، جيڪي ھاڻي ٿيل نئي سروي موجب ضلعي ٺٽي جون ھڪ لک جي لڳ ڀڳ مستحق عورتون ٿي ويون اھن، جن لاء ھن وقت صرف 20 کان 22 ڊوائيزون ڪم ڪن ٿيون، جيڪي ناڪافي آھن.

ٺٽو: ٺٽي ۽ مڪلي تي تغاري مزدوري ڪندڙ پورهيتن پاران روزگار نه ملڻ خلاف مڪلي تي ھڪ احتجاجي مظاهرو متاثر پورهيتن غلام قادر سومرو، اسامه رند، رمضان ملاح، قاسم ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو ته اهي روز صبح جو روزگار لاء سويل اچي روزگار ڪرڻ لاء ويھن ٿا ۽ انتظار ڪري ڪري هلي وڃن ٿا پر بااثر ٺيڪيدار پنهنجي من پسند غير مقامي ماڻھن کي مزدوري تي وٺي وڃن ٿا پر کين نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، جنھن ڪري ڏيھاڙي تي روزگار ڪمائي گهر هلائيندڙ اسان غريب مقامي پورهيت بيروزگار سبب سخت فاقاڪشي جو شڪار بڻجي ويا آھيون، هنن گهر ڪئي ته کين مناسب روزگار ڏياري سندن ٻچن کي بک مرڻ کان بچايو وڃي.

ٺٽو: ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب ٺٽو ھارون احمد خان پنھنجي عھدي جي چارج سنڀالي باقاعدہ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آھي. ھُن پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته صوبائي محتسب جو ادارو عوام جون شڪايتون جلد حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، جيڪو بنا ڪنهن وڪيل، بنا دير ۽ بنا ڪنهن فرق جي ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب جو چوڻ ھو ته شهري ڪنهن به صوبائي کاتي جي خلاف پنهنجي شڪايت صرف هڪ سادي ڪاغذ تي موڪلي سگهن ٿا، سندن مسئلو جلد حل ڪيو ويندو. هُن چيو ته ملڪ ۾ انصاف فراهم ڪندڙ ادارا موجود آهن پر ان تائين رسائي لاءِ بنيادي معلومات نه هجڻ سبب ڪيترائي ماڻهو ان کان محروم آهن. هن چيو آھي ته ڪنهن به صوبائي کاتي ۾ جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اسان جي آفيسن ۾ درخواستون داخل ڪيون وڃن ته جيئن انهن مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي انصاف فراهم ڪيو وڃي تہ جيئن انصاف تي ٻڌل هڪ بهتر سماج جوڙي سگهجي. هُن چيو ته سندس آفيس جا دروازا هر انصاف گهرندڙ لاءِ کُليل آهن.

ٺٽو: سجاول ضلعي اندر سياسي ڇڪتاڻ وارو معاملو شيرازين جي حامي عبدالغني هنڱورجو جي پٽيشن تي سنڌ ھاء ڪورٽ ڪراچي سجاول جي ضلعي چيئرمين دانش ملڪاڻي سندس چاچي امير بخش ملڪاڻي ۽ سئوٽ واحد بخش ملڪاڻي سميت 6 ڄڻن خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين 8 جنوري تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو جاتي جي رهواسي عبدالغني هنڱورجو پاران هاء ڪورٽ ڪراچي ۾ ضلعي چيئرمين دانش ملڪاڻي سندس چاچي ۽ سئوٽ ۽ سندن حامي ملاح برادري جي نامزد ڪيل امير بخش ملاح ايوب ملاح رمضان ملاح محمد عرف کٽي ملاح زمان ملاح ۽ اشرف ملاح خلاف کيس حراسان ڪري سندس زمين تي قبضي ۽ کيس موتمار ڌمڪين بابت آئيني پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي سنڌ ھاء ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 199 تحت داخل ڪرايل پٽيشن کي ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي 8 جنوري تي اربع ڏينهن ڌرين کي پيش ٿيڻ لاء نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا شيرازين جي حامي عبدالغني هنڱورجو جي آئيني پٽيشن تي سنڌ ھاء ڪورٽ سجاول جي ضلعي ڪائونسل چيئرمين دانش ملڪاڻي سندس چاچي اميربخش ملڪاڻي ۽ سئوٽ واحد بخش ملڪاڻي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي روڀرو عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آئيني پٽيشن ۾ درخواست گذار استدعا ڪندي چيو ته ملاح برادري جي ڏوهاري قسم جي ماڻھن تعلقي جاتي جي ديھ وڏيريون ۾ منهنجي زمين تي قبضو ڪري بيٺل فصل ڪٽرائي رهيا آھن ۽ ملڪاڻين جي بڇ تي مذڪوره جوابدار مونکي حراسان ڪري علائقي ۾ رتوڇاڻ ڪرائڻ چاهين ٿا تحفظ ڏياريو وڃي ٺٽي ۽ سجاول ضلعن اندر پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ پيپلزپارٽي ۾ شامل شيرازي برادران وچ ۾ ھلندڙ سياسي ڇڪتاڻ ۾ مسلسل تيزي اچڻ لڳي شيرازين جي حامي جي زمين تي ملڪاڻين تي قبضي ڪرائڻ ۽ سندن فصل وڍرائڻ جو الزام

اپنا تبصرہ بھیجیں