
جيڪب آباد:رپورٽ ايم ڊي عمراڻي.
جيڪب آباد سماجي اداري هينڊ پاران يو ايس ايڊ جي سھڪار سان ھلندڙ سنڌ ۾ پاڻي جو اختياري منصوبو پروگرام تحت پاڻي مناسب مقدار ۾ استعمال کي عادي بڻاڻي جي عنوان تحت گورنمنٽ گرلس لور سيڪيڊري اسڪول فئملي لائين ۾ سيمنار ٿي گذريو جنهن ۾ اسڪول جي ٻارڙڻ استادن ميونسپل ڪاميٽي استادن پي ايچ آئي ڊي ايم ايس ڊي پي ايجوڪيشن ۽ ھينڊز،عملي سياسي سماجي مذھبي سول سوسائيٽي ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عوام ۽ پاران شرڪت ڪئي
سيمنار کي خطاب ڪندي مشتاق سڌايو ڊي ئي او سيڪنڊري طعفيل احمد بروهي اسسٽنٽ انجينئر ميونسل 










ڪاميٽي ابرار احمد سڀ انجيئر ايم ايس ڊي پي سيد خالد شاھ انجينئر پي ايچ آئي ڊي گل رشيد پٺاڻ ھيڊ مسٽريس فئملي لائين اسڪول اقبال نائچ پراجيڪٽ مينجر ھينڊز۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته صاف پاڻي نعمت آھي جنهن لاء پاڻي جي حفاظت کي عادي بڻائڻ ۽ پاڻي جي حفاظت کي عادت بڻائڻ تمام ضروري آھي پاڻي جي نلڪي کي کولي نا ڇڏيو ھار ويٽ کان پرھيز ڪيو پاڻي فضول نا ھاريو ڇاڪاڻ ته ٻين انسانن جو به حق آھي ھنن وڌيڪ چيو پاڻي جي لائينجا سوراخ بند ڪيو پاڻي کي ضايع ٿين کان بچايو پاڻي ڀرڻ وار جڳھ جي ليڪج کي بند ڪرڻ گھرجي پاڻي گھٽ ۾ گھٽ ضرورت تحت استعمال ڪيو سيمنار زريعي جيڪب آباد شھرين کي آگاھي ڏئي رھيا آھيو جو مناسب استعمال ڪجي ۽ انهي سان گڏوگڏ پاڻي جي لائينن جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ غير قانوني طريقي سان پائيپ لائين کي نقصان پھچايو يان انھي ۾ ناجز ڪنيڪشن لڳائندڙ کي روڪيو وڃي ۽ اھڙي اطلاح لاڳاپيل اداري ميونسپل ڪاميٽي کي ڏنو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته خراب پاڻي واپرائڻ سان ڪيتريون ئي پيٽ جو بيماريون پيدا ٿين ٿيو تنهنڪري هن پيغام کي هر فرد تائين چگي ريت پھچائن جنهن اسين بيمارين کان بچي سگهو ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي بيمارين کان محفوظ رکي سگهون ۽ انهن لاء پاڻي بچائي سگهيو انهي ڪري انهي موقعي تي اسڪولي ٻارڙڻ پاران موضوعتي مناسبت سان تقريري مقابلو ۽ ٽيبلو پيش ڪيا ۽ ڪامياب شاگردن کي انعام ڏنا ويا!
==========================
https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC


