
ٺٽو (رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو ته ڪراچي ۾ 12 جاين تي ڌرڻا هئا سنڌ حڪومت جي وزيرن تي مشتمل ڪميٽي جون ايم ڊبليو ايم جي قيادت سان ڳالهين بعد 8 ڌرڻا ختم ٿي چڪا آھن باقي 4 ڌرڻا ختم ڪرڻ لاء پڻ ڪوششون جاري آھن ڌرڻن سان عوام جي پريشاني ۾ اضافو ٿيو آھي پرامن ڌرڻن تي يقين رکون ٿا پر عوام کي پريشاني ۾ وجهندڙ ڌرڻن کي ختم ڪرائڻ لاء ضرورت پئي ته انتظامي ڪارروايون به شروع ڪيون وينديون پاراچنار واري واقعي تي اسانکي به تمام گهڻو افسوس آھي ڪي پي ڪي جي گورنر پاران درخواست تي سنڌ حڪومت پاران دوائن جي پيدا ٿيل کوٽ ۽ کاڌ خوراڪ لاء امدادي سامان هلال احمر معرفت سنڌ حڪومت پاران پاراچنار اماڻيو ويو آھي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ٺٽي ويجهو جهرڪ ڀرسان ڪي بي فيڊر واھ جي هلندڙ تعميراتي ڪم جي معائني جي موقعي تي ميڍيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو دريا جي پاڻي واري معاملي تي اسان سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جو واضع موقف آھي ته سنڌو دريا جي پاڻي جو هڪ ڦُڙو به ڪنھن کي کڻڻ نه ڏينداسين ۽ ڪالاباغ ڊيم جيان سنڌو دريا مان ڪئنالن واري معاملي تي سخت موقف پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف زرداري جو اچي چڪو آھي ڪي بي فيڊر واھ جي ساڍا 7 هزار ڪيوسڪس واري گنجائش کي وڌائي ساڍا 9 هزار ڪيوسڪس ڪرڻ لاء هي منصوبو شروع ڪيو ويو آھي جنهن تي ڪُل 40 ارب روپيه لاڳت خرچ ايندو
ان مان اڌ حصو وفاق ۽ اڌ حصو سنڌ حڪومت کي ادا ڪرڻو آھي وڏي وزير مراد علي شاھ وڌيڪ چيو ته وفاق هن وقت تائين هن منصوبي لاء گهٽ رقم ڏني آھي پر وفاق کي درخواست ڪئي وئي آھي ته گهربل وقت اندر پنهنجي حصي جي رقم جي ادائيگي ڪري لياري ايڪسپريس وي، ڪي فور منصوبي ۽ ڪي بي فيڊر واھ جي تعميراتي ڪمن جو فضائي معائنو ڪيو آھي لياري ايڪسپريس وي جو جلد پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان افتتاح ڪرايو ويندو لياري ايڪسپريس وي مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي جي شاهراھ فيصل کان ٽريفڪ جو پريشر گهٽجي ويندو وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جون جهرڪ لڳ ڪي بي فيڊر واھ تي هلندڙ تعميراتي ڪم جي معائني بعد صوبائي وزيرن سعيد غني ايم اين اي اياز شاھ شيرازي سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهڙو ڄام خان شورو رياض شاھ شيرازي ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سان گڏ ميڍيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران حب ڊيم مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي پڻ ڪم جاري آھي پاڻيءَ واري معاملي تي سنڌ حڪومت جي پاليسي واضع آھي ته هنن منصوبن ذريعي ڪنھن به ضلعي يا زرعي توڙي پيئڻ جي پاڻي جي حوالي سان مسئلو پيدا نه ڪيو وڃي جنھن لاء هدايتون جاري ڪيون ويون
Load/Hide Comments


