
ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي)
پاراچنار ۾ دهشتگردي واقعي ۾ ڪيترين ئي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ خلاف ٺٽي ۾ شيعا حيدر ڪرار پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ۾ سول سوسائٽي جا اڳواڻ پڻ شامل ٿي ويا. ريلي جي اڳواڻي مولوي فدا حسين فردوسي، ڊاڪٽر غلام حسين شاھ، طالب شاھ اميرخاني، ارشاد کتري، سماجي اڳواڻ مجتبيٰ خشڪ نعيم قريشي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا مظاھرين جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا جن تي پاراچنا واقعي بابت نعرا درج ٿيل ھئا. امام بارگاه شاھ نجف کان نڪرندڙ ريلي مين اسٽاپ رڪشا چوڪ تائين پھچي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي جتي مقررين چيو تہ پاراچنار ۾ دهشتگردي جي بدترين واقعي ۾ وڏي انگ ۾ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت انساني جانين کي گوليون هڻي پروڻ ڪرڻ رياستي ناڪامي جو چٽو ثبوت آھي واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ حڪومت پنهنجي رٽ بحال رکڻ لاء تحرڪ وٺي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. انھن چيو تہ ڪجھ مفاد پرست عناصر پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ رت جي راند کيڏي رھيا آھن دھشتگردن کي قابو ڪيو وڃي اسان امن چاھيون ٿا ھن واقعي جي جانچ ڪري ملوث ڪردارن کي وائکو ڪري انصاف ڪيو وڃي


