جي ايس ايم يو کي مائيڪرو بايولوجي ۾ ايف سي پي ايس ٽريننگ لاءِ سي پي ايس پي جي منظوري حاصل

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي پريس رليز – 3 نومبر، 2024

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (جي ايس ايم يو) ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان (سي پي ايس پي) مان مائيڪرو بايولوجي ۾ ايف سي پي ايس ٽريننگ لاءِ منظوري حاصل ڪري ورتي آهي، منظوري جي ايس ايم يو جي مستند مائيڪرو بايولوجي پروگرام جي ڪامياب تڪميل ۽ جديد تربيتي گهرجن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت جو اعتراف آهي.

جي ايس ايم يو جي وائس چانسلر، پروفيسر امجد سراج ميمڻ چيو ته ”سي پي ايس پي طرفان اها منظوري اسان جي فيڪلٽي ۽ عملي جي محنت ۽ اسان جي عالمي معيار جي طبي تعليم فراهم ڪرڻ جي عزم جو اعتراف آهي، ان سان اسان جي شاگردن لاءِ نوان موقعا کلندا ۽ سنڌ ۾ صحت جي شعبي کي وڌيڪ استحڪام حاصل ٿيندو“.

جي ايس ايم يو ڊائيگناسٽڪ ليب جي انچارج ۽ پروفيسر آف پيٿالوجي ڊاڪٽر محمود حسن ٻڌايو ته ايف سي پي ايس ٽريننگ جي ايس ايم يو ڊائيگناسٽڪ ليب ۾ ڊاڪٽر بينش عارف جي نگراني هيٺ منعقد ڪئي ويندي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته سمورا ٽريننگ سيشنز سي پي ايس پي جي اصولن موجب ٿين.

پيٿالوجي ڊيپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر در محمد چيو ته ”اسان پنهنجي پروگرامن کي مسلسل بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون ته جيئن طبي شعبي جون تبديل ٿيندڙ ضرورتون پوريون ڪري سگهون ۽ صوبي جي عوام کي بهتر سهولت فراهم ڪري سگهجي“.

ان منظوري کي برقرار رکڻ لاءِ جي ايس ايم يو هر 5 سالن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر معائنو ڪرائيندو، جنهن ۾ سي پي ايس پي جا سمورن اصولن ۽ ضابطن جي پاسداري کي يقيني بڻايو ويندو.

==========================================

Sohaib Super Store
·
اجرک سوٹ 3 پیس
سندھی کڑاھی شرٹ دوپٹہ کڑھائی کے ساتھ
3,000/- روپے ……
( 03094386375 )
WhatsApp


8 رنگ والا بلوچی کڑاھی سوٹ
قیمت 4,000 روپے

( 03094386375 )
WhatsApp


Embroidery Ladies Suit
( 3,000/- )روپے
For Order Please Contact

( 03094386375 )
WhatsApp
================================

اپنا تبصرہ بھیجیں