ڳوٺاڻي ترقي ۾ : ڪميونٽي عورت جو اڳواڻيءَ وارو ڪردار جي سري هيٺ سنڌ جي 8 ضلعن جي عورت اڳواڻن سان سنڌ جي ساڃاوند دانشورن جي ڳالهه ٻولهه سرسو ڪامپليڪس سکر ۾ ٿي گذري.

ڳوٺاڻي ترقي ۾ : ڪميونٽي عورت جو اڳواڻيءَ وارو ڪردار جي سري هيٺ سنڌ جي 8 ضلعن جي عورت اڳواڻن سان سنڌ جي ساڃاوند دانشورن جي ڳالهه ٻولهه سرسو ڪامپليڪس سکر ۾ ٿي گذري. سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) پاران عورتن کي سگهارو ڪرڻ ذريعي ڳوٺاڻي ترقي ۽ غربت گهٽائڻ جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪميونٽي ادارن جون عورت اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي زندگي، گهر ۽ ڪميونٽي سطح تي حاصل ڪيل سماجي تبدلي ۽ ترقي جون اُتساهيندڙ ڪهاڻيون ٻڌايون. اها ڳالهه ٻولهه سنڌ جي نالي وارن ۽ مانائتن ليکڪن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن محترم اقبال ترين، ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، محترم نصير ميمڻ ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ پاران سرسو جي دوري جي موقعي تي ڪئي ويئي. ڳالهه ٻولهه ۾ سکر، خيرپور، گھوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور، لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن جي 60 کان وڌيڪ سرگرم عورت ڪارڪنن شرڪت ڪئي. جڏهن ته ڳالهه ٻولهه جي سهولتڪاري چيف ايگزيڪيٽو آفيسر-سرسو محترم محمد ڏتل ڪلهوڙو ڪئي.
عورت اڳواڻن ترقي ۽ تبديلي جي سفر ۾ آيل روڪاوٽن، ان کي منهن کي ڏيڻ ۽ نتيجي ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين ۽ اثرن جو ذڪر ڪيو. انهن ٻڌايو ته ڪهڙي طرح انهن پنهجو پاڻ ۽ گهر جي ماحول کي تبديل ڪيو. تنظيم جوڙڻ دوران ڪهڙين مشڪليون کي منهن ڏنو. عورتن جي ڪميونٽي ادارن پاران سرسو، حڪومتي ادارن، چونڊيل نمائندن ۽ پنهنجي مدد پاڻ ذريعي عورتن جي حقن، غربت گهٽائڻ، تعليم، صحت، صفائي، گهرن جي تعمير، ٻوڏن دوران هنگامي امداد ۽ بحالي، هنري سکيا ۽ روزگار جي ترقي وارن شُعبن ۾ حاصل شاندار ڪاميابيون ٻڌايون. انهن چيو ته هاڻي سندن ڪردار کي عورت اڳواڻ طور گهر ۽ ڪميونٽي کان نڪري، يوسي توڙي ضلعي سطح تي تسليم پڻ ڪيو وڃي ٿو.
سنڌ جي ساڃاهه وندن گڏيل طور عورتن جي اتساهيندڙ سفر کي ساراهيو ۽ سنڌ جي ترقي جي حوالي سان پوئتي پيل ۽ قبيلائي اثرن وارن ضلعن ۾ هر سطح تي پيش ايندڙ مشڪلين جي باوجود ڪري رهيون آهن. انهن عورتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته توهان ئي نئين سنڌ جي روشن مستقبل جي اميد آهي. توهان جي همت، جذبي، ٻڌي ۽ ڏاهپ کي سلام آهي. نصير ميمڻ چيو ته ” توهان کي ٻُڌي اسان جو حوصلو وڌي ويو آهي. توهان جا خواب ۽ ڪوششون ئي سنڌ بدلائينديون. ان ڪري خواب ڏسڻ نه ڇڏجو، انهن کي سنڀالي رکو ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکو.“
اقبال ترين چيو ته ”اسان کي هميشه سنڌ جون اڻ وڻندڙ ڳالهيون ٻڌائي مايوس ڪيو ويندو رهيو آهي، مگر توهان سان ملي، توهان جون ڪاميابيون اکين سان ڏسي ۽ اتساهيندڙ ڳالهيون ٻڌي هڪ سٺو سرپرائيزڊ مليو آهي. توهان ئي زندهه ۽ چمڪندڙ سنڌ آهيو.“ ڊاڪٽر ايوب شيخ ڳالهائيندي چيو ته ” توهان ئي نئين سنڌ جون سورميون آهيو. توهان سوچو ٿا، خواب لهو ٿا ، نا انصافين خلاف سوال اٿاريو ٿا ۽ انهن جي بهتري لاءِ ڪوششون پڻ ڪريو ٿا.“ ان موقعي تي ڊاڪٽر اعجاز ترڪ چيو ته ” توهان کي ٻڌي اميد پيدا ٿي آهي ته سنڌ وڌندي رهندي ڇو ته سنڌ جي عورت وڌي رهي آهي. هٿي انڌارو ناهي توهان روشني جو ڪرڻو آهيو ۽ مون کي توهان ۾ سنڌ جو روشن مستقبل نظر اچي رهيو آهي.“

اپنا تبصرہ بھیجیں