مڪلي ويجهو گُجو ڀرسان تيز رفتار وين رڪشا سان ٽڪرائجي ويئي، جنھن جي نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار 2 ڄڻا فوت، معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت 10 زخمي،

ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
مڪلي ويجهو گُجو ڀرسان تيز رفتار وين رڪشا سان ٽڪرائجي ويئي، جنھن جي نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار 2 ڄڻا فوت، معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت 10 زخمي، زخمي اسپتال منتقل، تفصيل موجب مڪلي لڳ گجو ڀرسان قومي شاھ تي چوهڙ جمالي لڳ درگاه شاھ يقيق جي زيارت بعد رڪشا ۾ ڪراچي ويندڙ ڇڇر برادري جي رڪشا کي سامهون ايندڙ وين زوردار ٽڪر ھڻي ڪڍيو، جنھن جي نتيجي ۾ رڪشا ڪلٽيون کائي اونڌو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار هڪ ڄڻو رمضان ڇڇر ۽ معصوم

ٻارڙو فرحان فوت ٿي ويا، جڏھن تہ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ عمر ولد محمد، عامر ولد عمر، سڪندر ولد يعقوب، حسينا، شبانه، ثمينه، وين ۾ سوار درگاھ ستيون جا رھواسي نواز ولد وريل شيخ ۽ سندس گھر واري شبانہ زال نواز شيخ ۽ ٻيا شامل آھن، زخمين ۽ فوتين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين مان هڪ نينگري شبانه جي حالت ڳڻتي جوڳي بڌائي پئي وڃي، زخمي سڪندر ڇڇر بڌايو تہ حادثو سامهون ايندڙ وين جي تيز رفتاري سبب پيش آيو، وين ڊرائيور غلط ڊرائيونگ ڪندي سڌو اچي اسانجي رڪشا کي ٽڪر هنيو، جنھن ڪري اسان ّزخمي ٿيڻ سميت اسانجا ماڻھون فوت بہ ٿيا اھن، ھن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪندي زخمين جو بھتر علاج ڪرائي سندن حياتيون بچائڻ جي گھر ڪئي اھي.

اپنا تبصرہ بھیجیں