ڀاري برساتون، ٻوڏ ۽ ڌرتي کِسڪڻ جو خطرو پاڪستان جي مختلف علائقن ۾

ڀاري برساتون، ٻوڏ ۽ ڌرتي کِسڪڻ جو خطرو پاڪستان جي مختلف علائقن ۾

خيبرپختونخوا، ڪشمير، گلگت بلتستان، پوٺوهار علائقو، ڊي.جي. خان/ڪوھِ سليمان ۽ اتر اوڀر بلوچستان جي مقامي / برساتي وهڪرن ۾ طغياني جو خطرو.

اتر اوڀر پنجاب، اسلام آباد/راولپنڊي، پشاور، نوشهره ۽ ڏکڻ اوڀر سنڌ جا هيٺاهن علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان.

خيبرپختونخوا جا پهاڙي علائقا، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير ۾ تيز برسات سبب ڌرتي کِسڪڻ (لئنڊ سلائيڊنگ) جو خطرو، جنهن ڪري ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿي سگهي ٿي.

تيز برساتن، گج گوڙ، آندين ۽ هوائن سبب روزمره زندگي متاثر ٿيڻ، ۽ ڪمزور ڍانچن (ڪچا گهر/ديوارون، بجليءَ جا کَمبا، بِل بورڊ، گاڏيون، سولر پينل وغيره) کي نقصان پهچڻ جو انديشو. مسافرن ۽ سياحن کي صلاح ڏجي ٿي ته هو وڌيڪ احتياط ڪن، سفر جي منصوبي کي موسم مطابق ترتيب ڏين ۽ برساتن دوران ڪنهن به ناخوشگوار صورتحال کان بچڻ لاءِ موسم بابت آگاهي وٺندا رهن.

پيشنگوئي:

آچر ۽ سومر: خيبرپختونخوا، ڪشمير، اسلام آباد، پنجاب، اتر/ڏکڻ اوڀر سنڌ، اتر/ڏکڻ اوڀر بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ موسم جزوي طور ابر آلود رهڻ سان گڏ تيز هوائون ۽ گج گوڙ سان گڏ برسات جو امڪان. ان دوران مٿانهين خيبرپختونخوا، پوٺوهار علائقو، ڪشمير ۽ اتر اوڀر پنجاب ۾ ڪجهه هنڌن تي موسلادار برسات متوقع.

گذريل 24 ڪلاڪ: اتر اوڀر پنجاب، پوٺوهار، ڏکڻ اوڀر سنڌ، مٿانهين خيبرپختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ گج گوڙ سان برسات، جڏهن ته ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ حبس وارو رهيو.

برسات جو انگ (ملِي ميٽر ۾):

پنجاب: اسلام آباد (سيدپور، گولڙه 74، ايئرپورٽ 41، سٽي 40، بوڪره 32)، سيالڪوٽ (سٽي 65، ايئرپورٽ 23)، راولپنڊي (شمس آباد 44، ڪچهري/پيروڌائي/گوالمنڊي 41، نيو ڪٽارياڻ 39)، نارووال 04، اوڪاڙه 02، اٽڪ ۽ مري 01.

سنڌ: ٿرپارڪر (نگرپارڪر 50، اسلام ڪوٽ 44، ڊپلو 12)، مٺي 18، ڇور 07، ٽنڊو ڄام 03، حيدرآباد (سٽي 02)، موئن جي دڙو 01.

خيبرپختونخوا: دير 05، باچا خان ايئرپورٽ 02، پشاور سٽي 01.

ڪشمير: ڪوٽلي 10، مظفرآباد (شهر 03، ايئرپورٽ 01).

گلگت بلتستان: گوپس 02.

وڌ کان وڌ گرمي پد (°C): نوڪنڊي، سبي 43؛ دالبندين، دادو، ڀڪر ۽ جيڪب آباد 42.

اپنا تبصرہ بھیجیں