گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو آھي ت سنڌ جي ورھاست طرف ويا ت خونريزي ٿيندي،مردم شماري ڪجھ ٻيھر ٿيندي ڪٿي ب آئين شڪني ٿيندي ت سپريم ڪورٽ آئين تي عمل ڪرائيندي،اسان جي بقا ء سلامتي ء مستقبل جو مسئلو آھي،

ڪراچي (بيورو رپورٽ ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو آھي ت سنڌ جي ورھاست طرف ويا ت خونريزي ٿيندي،مردم شماري ڪجھ ٻيھر ٿيندي ڪٿي ب آئين شڪني ٿيندي ت سپريم ڪورٽ آئين تي عمل ڪرائيندي،اسان جي بقا ء سلامتي ء مستقبل جو مسئلو آھي،اسان سنڌ سان ناانصافي تي خاموش نٿا ويھي سگھون،سنڌ انشاء الله سنڌ ئي رھندو،سنڌ جي ورھائڻ وارو خواب ڪڏھن ب پورو ن ٿيندو،اھڙن خيالن جو اظھار ھن خميس ڏينھن فنڪشنل ليگ ھاوس م جي ڊي اي اجلاس کانپوء ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو،پريس ڪانفرنس کي سيد زين شاھ،ڊاڪٽر صفدر عباسي،شھريار خان مھر مظھر راھوجو ب خطاب ڪيو،ان موقعي تي سردار عبدالرحيم،نند ڪمار گوڪلاڻي،عبدالرزاق راھمون،ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ،ڪاشف نظاماڻي،ارشد شر بلوچ،خواجہ نويد،اعجاز سامٽيو ء ٻيا موجود هئا،سيد صدرالدين شاھ راشدي وڌيڪ چيو ت مسئلو سنڌ جي بقا جو آھي اسان خاموش ن ويھنداسين،سنڌ جي ورھاست قبول ن ڪنداسين،پوري سنڌ جي ھر گھر ء ھر فرد جي ڳڻپ ٻيھر ڪئي ويندي آدمشماري جا نتيجا قبول ن ڪنداسين،1918 جي چونڊن جا نتيجا ڪير ب قبول نٿو ڪري جي ڊي اي اليڪشن مھم ھلائي ھئي،پيپلزپارٽي پارٽي ن پر مافيا آھي اسان جا بزرگ حق ھ سچ لاء شھيد ٿيا ،2023 جي چونڊن م صفايو ڪنداسين ،ھن چيو سنڌ مان ھندستان ويلن ڪڏھن ب پاڻ کي مھاجر ن چيو آھي ء ن وري الڳ زمين جو مطالبو ڪيو آھي،جيڪي پنھنجو شوق پورو ڪرڻ چاھن ٿا سندن شوق ڪڏھن ب پورو ن ٿيندو،سنڌ جي ھڪ انچ ب ن ڏينداسين،محبت ء ڀائيچاري سان گڏ رھي سگھون ٿا ورھائڻ جي سياست ختم ٿيڻ گھرجي،ھيل تائين جيڪا آدمشماري ٿي آھي ان کي ڪير ب قبول نٿو ڪري آدمشماري ٻيھر ڪجھ وقت م ٿيندي،ھي سازش آھي ت عام چونڊون ن ٿين،جدوجھد صرف بندوق سان ناھي ٿيندي،سمورن ضلعن م پندرھ مئي کانپوء گڏجاڻيون ٿينديون،جون جولاءِ م سياسي سرگرميون تيز ڪنداسين،75 سيڪڙو آمدني ڪراچي مان ٿئي ٿي ڪراچي سنڌ جو تاج آھي اھو ڪنھن کي ن ڏينداسين،سيد شفقت شاھ جو ڪيس ڪورٽ م آھي،سندس سھرو ڪيس وڙھي پيو،جتي غير قانوني غير آئيني ڪم ٿيندو ت سپريم ڪورٽ ايڪشن م ايندي،وفاق فوج ء ادارن سان مظبوط ٿيندي، جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ت جي ڊي اي جي اجلاس م ملڪ جي معاشي سياسي صورتحال ء آدمشماري ء تنظيمي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو ،جلد عوامي رابطه مھم شروع ڪنداسين،جن پارليامينٽ کي گاريون ڏنيون اھي پارليامينٽ جون ڳالھيون ڪن ٿا،آئين ء جوڊيشري تي حملا پاڪستان جي ڀلائي م ناھن،پي ٽي آء سان اتحاد رھيو ،ھن کي اتحادي چڏي ويا پر اسان پي ٽي آئي جو ساٿ ڏنو،قومي اسيمبلي م جي ڊي اي جا ميمبر ڀرپور اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رھيا آھن ،آئي ايم ايف سان معاهدا نٿا ڪري سگھن،معاشي بحران آھي،اٽو 175 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رھيو آھي ،پنجاب ء ڪي پي ڪي م مفت اٽو ورھائڻ جي چڪر م عورتن مردن جي توھين ڪئي وئي ڪيترائي انسان مري ويا ،پندرھن سالن م سنڌ م جيڪا تباھي آندي وئي آهي ان جو مثال نٿو ملي سنڌ جا سمورا شھر تباھ ٿيل آھي،ٻوڏ متاثر ھيل تائين کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن ،پنج لک گھر اعلان باوجود ن ٺاھيا ويا زرداري چوي ٿو ت سول پئنل گھرن کي ڏينداسين،ٻيھر آدمشماري جي نالي تي سنڌ کي ورھائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي،پيپلزپارٽي ملوث آهي ،جي ڊي اي سنڌ جي وحدت خلاف ٿيل فيصلا ڪڏھن ب قبول ن ڪندي، سنڌ کي ورھائڻ ن ڏيندي،سنڌ جي تفريق برداشت ن ڪئي ويندي،جماعت اسلامي ء حافظ نعيم مان ڪڏھن ب اھيا توقع ن ھئي ت ھو زھر اوڳاچيندا،زبردستي جا فيصلا ء نفرت انگيز سياست قبول ن ڪنداسين، زرداري ء پيپلز پارٽي ملڪ م بحران جو ذميدار آھن،اگر ھڪ ڏينھن ملڪ م چونڊون ڪرائڻيون آھن ت زرداري قومي اسيمبلي ء سنڌ اسيمبلي معطل ڪري،جي ڊي اي جو اتحاد قائم ء دائم آهي پير صاحب پاڳاري جي قيادت م ء سنڌ جو سگھارو آواز آھي،سيد زين شاھ چيو ت ملڪ سياسي معاشي طور بدحالي جو شڪار آهي ،ھڪ سال اڳ جيڪا تبديلي آندي وئي ان ملڪ کي نقصان ڏنو آهي ،صوبن کي آئين م ٻڌو ويو آهي اگر آئين تي عمل ن ڪيو ويو ت اھيو وفاق لاء نقصان ڪار ثابت ٿيندو ،اين آر او ملڪ لاء خطرناڪ آهي ،سنڌ جون زمينون نيلام ڪيون ٿيون وڃن،ڪرپشن جو سرٽيفڪيٽ قومي اسيمبلي ڏيندي ت ملڪ ڪئين ھلندو,وقت کان اڳ آدمشماري ڪرائي وئي ھڪ پارٽي جي چوڻ تي آدمشماري جا نتيجا تبديل ڪيا ٿا وڃن جيڪي قابل قبول ن آھي،عجيب قسم جا انگ اکر ڏنا پيا وڃن،جماعت اسلامي جي روين جي مذمت ڪيون ٿا ،ان سان وڌيڪ نفرت پکڙبي،اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاء ڊرامه ڪيا ٿا وڃن،1917 جي آدمشماري تحت عام چونڊون ڪرايون وڃن،حڪومت جو ٽائيم پورو ٿي ويو آهي،مظھر راھوجو چيو ت جي ڊي اي عوام م ويندي ء ڪرپٽ حڪمرانن جو گھيراء ڪندي،ڪراچي م ھڪ دفعو ٻيھر حالتون خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي،سپريم ڪورٽ ء ادارن کان مطالبو ڪيون ٿا ت نسلي ء غير قانوني عمل جو نوٽيس وٺن،حڪمرانن مان ڪاب چڳائي جي اميد نٿا رکون،ايم پي اي شھريار مھر چيو ت سنڌ سان ٻيو وڏو دوڪو ڪيو پيو وڃي ،21 لک گھر ٺاھڻ لاء ورلڊ بئنڪ قرض ڏئي پئي جيڪو ورلڊ بينڪ عوام کان اوڳاڙيندي،ء اھي چوندا ت اٽو 400 رپيا وڪرو ڪيو،مڪيش چاولا رات جو شراب وڪرو ڪري مسلمانن جي نسل کي تباھ ڪري پيو ء ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪري رھيو آھي ،
===================

اپنا تبصرہ بھیجیں