سيبس يونيورسٽي ڄامشوري ۾ نئين بئچ لاءِ تعارفي سيشن منعقد ڪيو ويو

ڄامشورو (08 ڊسمبر 2025): شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن ۽ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ نئين سال ۾ داخلا وٺندڙ بئچ لاءِ استقباليه تعارفي سيشن منعقد ڪيو ويو. تقريب جو مقصد يونيورسٽي جي ماحول، تعليمي پاليسين ۽ انهن لاءِ موجود مختلف موقعن بابت نئين بئچ جي شاگردن کي واقف ڪرائڻ هو.
تقريب جي صدارت سيبس يونيورسٽي ڄامشوري جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو ڪئي، جنهن شاگردن کي خطاب ڪندي کين پنهنجي تعليمي سفر ۾ فعال طور تي شامل ٿيڻ لاءِ اتساهيو. ڊاڪٽر ڀٽو، يونيورسٽيءَ جي پاليسين تي روشني وڌي ۽ آرٽ، ڊيزائن ۽ هيريٽيجز جي شعبن جي اهميت تي زور ڏنو.
پروفيسر ڊاڪٽر ڀٽو شاگردن تي زور ڏنو ته اهي اداري پاران مهيا ڪيل وسيلن ۽ رهنمائي مان وڌ کان وڌ فائدو وٺن ۽ ملڪ جي ثقافتي ۽ تعليمي منظرنامي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن.
تقريب کي مختلف شعبن جي چيئرپرسنز آرڪيٽيڪٽ شازيه ابڙو، صنم ڀٽو، محمد سليم جهتيال، فيڪلٽي ميمبر فضل الاهي خان، ايڊيشنل ڊائريڪٽر آءِ سي پي سي ڊاڪٽر عديل ابڙو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪوالٽي انہانسمينٽ سيل ذوالقرنين ڀٽو ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايڊميشن چندر ڪمار خطاب ڪيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں