
معرڪوَ حق ۽ آزاديءَ جي حوالي سان نوجوانن جو جذبو ۽ جوش قابلِ تحسين آهي: وزير توانائيءَ
ڪراچي ()؛ توانائي، ترقيات ۽ منصوبه بنديءَ جو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو قيمتي سرمايو ۽ روشن مستقبل آهن. هن چيو ته ترقي يافته، خوشحال ۽ پرامن سماج جي تعمير ۾ نوجوانن جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو، ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين نوجوانن جي تعليم، روزگار ۽ قيادت ۾ ڀرپور شرڪت لاءِ عملي قدم کڻندي آئي آهي.
سيد ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي نوجوانن لاءِ اسڪالرشپ پروگرام، ٽيڪنيڪل ٽريننگ سينٽر، اسڪل ڊولپمينٽ اسڪيمون ۽ روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻ جا منصوبا شروع ڪيا آهن، جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن کي بهتر بڻائي سگهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري سگهن.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبي ۾ نوجوانن لاءِ راندين جي سرگرمين جي واڌ ويجهه، اسٽارٽ اپ انڪيوبيشن سينٽر، آءِ ٽي ٽريننگ ۽ انٽرن شپ پروگرام جهڙا منصوبا جاري آهن، جيڪي انهن جي تخليقي ۽ پيشاور مهارتن کي نکارڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيا آهن.
ناصر حسين شاهه چيو ته نوجوان طبقو معرڪوَ حق ۽ آزاديءَ جي جشن ۾ ڀرپور نموني سان سرگرم عمل آهي ۽ انهن جو جوش ۽ جذبو قابلِ تحسين آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو ويزن اهو آهي ته نوجوان رڳو ملڪ جي ترقيءَ جو حصو نه بڻجن پر ان جي قيادت به سنڀالين. اسان چاهيون ٿا ته نوجوان پنهنجي تعليم، هنر ۽ صلاحيت جي زور تي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪن.
محمد شبيه صديقي
ڊائريڪٽر ميڊيا مئنيجمينٽ
توانائي ۽ پي اينڊ ڊي وزير سنڌ
ڈائریکٹوریٹ آف پریس انفارمیشن


