
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) سنڏ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ گوتم چنا ضلعي صدر سيد جلال شاھ نيشنل پريس ڪلب ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ وفاقي حڪومت بشمول پ پ پ سنڌو درياءُ مان ڇھ ڪئنال اڏڻ تي بضد آھن پر سنڌ جا ماڻھو کين اھڙي ناپاڪ سازش خلاف سخت مزاحمت ڪندا 8 ڊسمبر تي ڪراچي جي ڦوھارا چوڪ تي ھزارين سنڌي قادر مگسي جي قيادت ۾ گڏ ٿي سخت احتجاج ڪندا. انھن چيو تہ احتجاجي جلسي لاء تياريون زور شور سان جاري آھن. ان سلسلي ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ گوتم چنا جي صدارت ۾ ٺٽي ۾ اهم اجلاس ٿيو آھي جنھن ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن سميت سنڌ واسين کي جلسي ۾ شريڪ ڪرائڻ لاء ڪميٽيون جوڙيون ويون آھن. انھن ٻڌايو تہ ايس ٽي پي جو
سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي سڀاڻي ڪراچي ۾ جلسي بابت اهم پريس ڪانفرنس پڻ ڪندو انھن وڌيڪ چيو تہ ٺٽي، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار، ڄامشورو، دادو، حيدرآباد ۽ ملير مان هزارين ڪارڪنن جا قافلا ڪراچي پهچي جلسي ۾ شرڪت ڪندا اڳواڻن چيو تہ سنڌو دريا تي 6 ڪئنالن جي تعمير سان سنڌ سڄي بنجر بڻجي ويندي سڀ کان وڌيڪ لاڙ خطو متاثر ٿيندو ڇاڪاڻ جو اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ سبب سمنڊ اڳتي وڌي لاڙ جي ضلعن جي زرخيز زمين تيزي سان ڳڙڪائي رهيو آھي ھنن چيو ته سنڌ جو عوام اهڙن سنڌ دشمن تڪراري منصوبن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. اُن موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻ راجو قريشي ناٿو خان بروهي جميل سمون حڪيم بروهي ۽ ٻيا پڻ اڳواڻن سان گڏ ھئا
Load/Hide Comments


