
ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
جيئي سنڌ محاذ پاران اڄ 24 مارچ تي غير قانوني ڪئنالن ۽ گرين پاڪستان منصوبي خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪري ريليون ڪڍيون وينديون ان ڏس ۾ مرڪزي ڪئنال مخالف مارچ اڄ منجھند 2 وڳي مڪلي پارڪ کان ٺٽي تائين ڪيو ويندو ان ڏس ۾ مڪلي تي مراد علي شاهه ڀاڏائي ھائوس تي ميڊيا سان ڳالھائيندي جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي چيو ته سنڌو ۾ پاڻي جي پھريان ئي شديد کوٽ آھي ڪوٽڙي کان ھيٺ ضرورت مطابق پاڻي نـ اچڻ ڪري ڊيلٽائي خطو برباد ٿي ويو آھي ڪچي جي 30 لک ايڪڙ زمين ڪلراٺي ٿي وئي 8 لک ايڪڙن تي بيٺل ٻيلو ختم ٿي ويو دنيا درياھن کي انساني حق پئي ڏئي ھن ملڪ ۾ درياھن جا رخ موڙيا پيا وڃن 6 نوان ڪئنال ڇھ اجتماعي قبرون آھن جن ۾ سنڌ واسين کي دفن ڪرڻ چاھين ٿا پ پ جو ڪئنالن تي احتجاج ڍونگ آھي صدر زرداري چاھي تـ اڄ بـ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڪئنال رد ڪري سگھي ٿو عالمي ماحولياتي ادارا سنڌو درياهه جي بربادي تي ماٺ آھن جنھن تي حيرت آھي سنڌو درياھ جيڪا لٽ آڻيندو ھو ۽ مٺو پاڻي اھو سمنڊ کي وڌڻ کان روڪيندو ھو ھاڻ سمنڊ ھر مھيني ساحل جي 150 ايڪڙ زمين کائي رھيو آھي ان جو ذميوار پنجاب آھي نواز شاهه ڀاڏائي چيو ته اڄ سنڌو تي ڌاڙي نون ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف جيئي سنڌ محاذ پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا مرڪزي ريلي مڪلي کان ٺٽي تائين نڪرندي ان ڏس ۾ سڀني سياسي مذھبي علمي ۽ ادبي ڌرين کي دعوت ڏني وئي آھي


