سڌسماواري کاتي جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ حيدرآباد، سکر موٽر وي رڳو سنڌ سرڪار جو معاملو ناھي پر پوري ملڪ جو معاملو آھي، موٽر وي ملڪي معيشت جي لاءِ ضروري آھي،

ڪراچي (رپورٽر)سڌسماواري کاتي جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ حيدرآباد، سکر موٽر وي رڳو سنڌ سرڪار جو معاملو ناھي پر پوري ملڪ جو معاملو آھي، موٽر وي ملڪي معيشت جي لاءِ ضروري آھي، ڇاڪاڻ تھ ھي سڄي ملڪ جي ڪاروبار کي سھارو ڏئي ٿو، وفاقي حڪومت حيدرآباد سکر موٽر وي منصوبي کي اوليت ڏئي ۽ جلد کان جلد ان تي ڪم شروع ڪري تھ جيئن پوري قوم کي فائدو پھچي سگھي. اهري ڳالهين جو اظهار هن ڪراچي ۾ ڪورٽ رپورٽرز ايسو سي ايشن جي ھڪ وفد سان ملاقات دوران گفتگو ۾ ڪندي چئي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ڪورٽ رپورٽرز ايسو سي ايشن جي وفد ڪراچي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ لياقت علي رانا، ،نذيرميمڻ ،اشرف سولنگي ،ماريه اسماعيل ،نارش ،عرفان شاهه ،ذوالفقار چانڊيو ،امين انور، اصغر عمر، اعظم زھراڻي، ساجد اعواڻ، شاھد حسين، ظفر سومرو ۽ ٻيا شامل ھُئا. صحافين سان ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ صحافين جي فلاح ۽ بھبود ۽ پيشوراڻي ترقي جي لاءِ سنڌ سرڪار ڪيترائي قدم کنيا آھن، عدالتي نظام ۾ شفافيت ۽ احتساب کي برقرار رکڻ لاءِ ڪورٽ رپورٽرز جو ڪردار تمام گھڻو اھم ھوندو آھي.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وفد کي ٻڌايو تھ پراڻين بسن جي لاءِ فٽنس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا پيا وڃن، پر ڪراچي ۾ رڳو ٻھ انسپيڪٽر ذميوار آھي جيڪي سمورين گاڏين کي ڪور ڪرڻ لاءِ ناڪافي آھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھر کاتي جو ھڪ مخصوص ڪردار ھوندو آھي ۽ جيڪڏھن ھر کاتو پنھنجون ذميواريون سھڻي نموني ادا ڪري تھ ڪيترن ئي مسئلن کان ڇوٽڪارو حاصل ٿي سگھي ٿو، ريڊ لائن بي آر ٽي رٿا ۾ ٻين يوٽليٽز سان گڏ ڪي فور واٽر پروجيڪٽ جي پائيپ لائن بھ شامل آھي، جنھن جي ڪري ڪجھھ دير ٿي، ڪيترن ئي چيلنجز جي باوجود بي آر ٽي منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آھي، نگران حڪومت دوران بي آر ٽي ڪم روڪيو ويو ھو، جنھن جي ڪم ۾ دير ۽ عوام کي مشڪلاتن جو منھن ڏسڻو پيو. ھن چيو تھ ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي وڌندڙ گھرج کي پورو ڪرڻ لاءِ 15 ھزار بسن جي ضرورت آھي، سنڌ سرڪار فعال طور تي ڊبل ڊيڪر بسن سان گڏ ٻيون بسون بھ خريد ڪري رھي آھي، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شھيد بينظير آباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪئي وئي آھي، سنڌ سرڪار صوبي جي ھر شھر ۾ پيپلز بس سروس جھڙيون خدمتون فراھم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رھي آھي. ھن چيو تھ ڪراچي جي ريڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گھٽائڻ لاءِ غير قانوني بس اڏن کي شھر کان ٻاھر منتقل ڪيو ويو آھي، پيپلز بس سروس کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر قائم ڪيو ويو آھي، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ذريعي بس سروس جي ھر آپريشن تي نظر ھوندي ۽ شڪايتن جو وقت سر ازالو ٿي سگھندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں