
آءِ جي سنڌ/پوليس گاڏيون/ڊجيٽل ٽريڪر/مانيٽرنگ/ميٽنگ
ڪراچي، 03 آڪٽوبر 2024:-
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ پوليس ٽريڪر گاڏين ۽ فيول جي بچت بابت اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي فنانس اينڊ ويلفيئر، ڊي آءِ جيز، ٽي اينڊ ٽي، آءِ ٽي سميت ٻين پوليس آفيسرن ۽ ٽريڪنگ ڪمپني جي نمائندن شرڪت ڪئي.
ڊي آءِ جي ٽي اينڊ ٽي پوليس گاڏين ۾ لڳل ٽريڪرز جي ڪارڪردگي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ فيول ايڪانامي/بچت بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته ٽريڪر ڪمپني پاران گاڏين جي نگراني لاءِ آن لائين ايپليڪيشن ۽ ويب سائيٽ تيار ڪئي وئي آهي جنهن تحت ڪنهن به گاڏي جي حرڪت ۽ موجوده هنڌ موبائل ايپليڪيشن ذريعي جلدي ۽ آساني سان ڏسي سگھجي ٿو.
هن چيو ته گهٽ ميلي ۽ رپورٽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل کاتي کان جواب به طلب ڪيو ويندو آهي.
آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس جي ٽيڪنيڪل ۽ ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ تحت ٽيڪنالاجي جي استعمال جو بنيادي مقصد پوليس گاڏين ۾ ٻارڻ جي استعمال ۾ معيشت کي هٿي وٺرائڻ آهي ۽ ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ شعور ۽ آگاهي جي خيال ۽ استعمال کي يقيني بڻائڻ گهرجي ان کان علاوه پوليس گاڏين ۾ ٽريڪرز جي نصب ٿيڻ سان ايندھن جي معيشت ۽ ڪارڪردگي ۾ هڪ قابل ذڪر ۽ مثبت فرق پيدا ٿيندو.
آءِ جي سنڌ چيو ته ڊرائيورن ۽ انچارجز کي ٽريڪرز جي نئين فيچرز ۽ ان جي استعمال بابت ٽريننگ سيشن منعقد ڪيو وڃي، جنهن جو مقصد ڊرائيورن ۽ انچارجز کي ٽريڪرز جي اهميت ۽ افاديت بابت آگاهي يقيني بڻائڻ آهي. پوليس گاڏين ۾ ٽريڪٽر لڳائڻ.
===========================


