
فصل پيداوار ۽ فوڊ سائنس ٽيمون SAU انٽر-فيڪلٽي ڪويز مقابلي 2025 ۾ گڏيل پهرين پوزيشن تي! 🏆
ٽنڊوجام – سنڌ زرعي يونيورسٽي (SAU) ۾ ٻيو انٽر-فيڪلٽي ڪويز مقابلو 2025 انتهائي دلچسپ انداز ۾ ختم ٿيو، جتي فصل پيداوار واري فيڪلٽي ۽ انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ٻنهي گڏيل طور پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته فصل جي تحفظ واري فيڪلٽي ٻئي نمبر تي رهي.
ھي پروگرام اينٽومالاجيڪل سوسائٽي آف سنڌ پاران اسٽوڊنٽس–ٽيچرز اينگيجمينٽ پروگرام (STEP) جي سهڪار سان ڊاڪٽر اي. ايم. شيخ آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ڪيو ويو، جتي ستن فيڪلٽين جون ٽيمون سائنس، زراعت ۽ جنرل ناليج جي ميدانن ۾ پنهنجو علم ۽ قابليت ڏيکاريندي نظر آيون.
وائس چانسلر پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر الطاف علي سيال شاگردن جي جذبي ۽ گڏيل محنت جي ساراهه ڪندي چيو ته اهڙا علمي مقابلا نه رڳو اعتماد وڌائين ٿا پر شاگردن کي قومي سطح جي چيلينجز لاءِ به تيار ڪن ٿا.
ھن چيو: “اهڙا علمي مقابلا تعميري مقابلي جي حوصلا افزائي ڪن ٿا ۽ شاگردن ۾ ٽيم ورڪ ۽ ريسرچ جي ثقافت کي فروغ ڏين ٿا.”
ڊاڪٽر اعجاز علي کھارو، ڊين فيڪلٽي آف ايگريڪلچر سوشل سائنسز ۽ STEP جي سربراهه، چيو ته اهڙا پروگرام شاگرد ۽ استادن جي لاڳاپن کي مضبوط ڪن ٿا ۽ شاگردن ۾ قيادت ۽ شخصيت جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
آخر ۾ وائس چانسلر، ڊينز ۽ آرگنائيزرز کٽيندڙ ٽيمز کي نقد انعام ۽ شيلڊون پيش ڪيون. تقريب ۾ سينيئر فئڪلٽي ميمبرن ۽ وڏي انگ ۾ شاگردن شرڪت ڪئي.


