

ٺٽو ڊر
گھارو گولائي ڀرسان مين نيشنل ھاء وي تان موٽرسائيڪل سوار 2 ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي پىنٽرول پمپ جي ڪيش کڻي ويندڙ ملازم کان 4 لک ڦُر ڪري فرار پئٽرول پمپ جو ڪيشئر امجد سومرو موٽرسائيڪل تي پمپ تان ڪيش کڻي گھارو شھر جي بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ وڃي رھيو ھو ته ٺٽو ڪراچي قومي شاھراھ تي گهارو شهر ڀرسان موٽرسائڪل تي سوار ٻن ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي کانئس 4 لک روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا چند ڏينهن دوران ڳاڙهو گهوڙاٻاري کان پوء گهارو مان هي ٽئين ڏينهن ڏٺي جي وڏي واردات ٿي آھي ضلعي جي پوليس ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام پوليس صرف گٽڪي منشيات جي اوڳاڙي ۾ رڌل آهي
ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
ايس ايڇ او ٺٽو اطھر علي چنا ۽ ايس ايڇ او مڪلي لھڻو خان بوزدار چيو آھي تہ سندن اچڻ بعد ھنن ڏوھن تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ڪري ڏوھارين ۽ منشيات فروشن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو آھي، ھنن چيو تہ سندن ڪاروايون ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جي مڪمل خاتمي تائين جاري رھنديون، ڪوبہ ڏوھاري توڙي منشيات فروش قانون کان ڪڏھن بہ بچي ڪونہ سگھندو. ھنن اھي ڳالھيون مڪلي جي خشڪ برادري جي معزز آپڪا ضلعي ٺٽي جي صدر، سياسي، سماجي شخصيت سردار حاجي محمد اشرف خشڪ بھائي پاران خشڪ ھائوس مڪلي تي ڏنل سندن دعوت ۾ شرڪت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيون. ايس ايڇ او ٺٽو اطھر علي چنا ۽ ايس ايڇ او مڪلي لھڻو خان بوزدار چيو تہ اسان سردار حاجي اشرف خشڪ بھائي جا ٿورائتا آھيون، جن ھيڏو سارو مان ڏنو آھي، ھنن شھرين کي بہ اپيل ڪئي تہ ھو ساڻن سھڪار ڪن جيئن ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جو مڪمل خاتمو آڻي نوجوان نسل کي وڌيڪ تباھي کان بچائي سگھون. ان موقعي تي سردار حاجي محمد اشرف خشڪ بھائي ۽ سندس فرزند مقصود احمد خشڪ پاران آيل مھمانن جو مانائتو استقبال ڪري کين لونگين جا تحفا پيش ڪندي چيو تہ ھو سٺن فرض شناس آفيسرن جو قدر ڪن ٿا، جيڪي جان جوکي ۾ وجھي ڏوھارين ۽ منشيات فروشن سان منھن اٽڪائي کين ڪيفر ڪردار تائين پھچائي پنھنجون ڊيوٽيون ايمانداري سان ادا ڪن ٿا، اھڙا آفيسر جس لھڻن ٿا. ان موقعي تي مقصود احمد خشڪ، محمد ايوب ملاح، علي محمد جماري، شبير خشڪ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
==========================================

Sohaib Super Store
·
اجرک سوٹ 3 پیس
سندھی کڑاھی شرٹ دوپٹہ کڑھائی کے ساتھ
3,000/- روپے ……
( 03094386375 )
WhatsApp

8 رنگ والا بلوچی کڑاھی سوٹ
قیمت 4,000 روپے
( 03094386375 )
WhatsApp

Embroidery Ladies Suit
( 3,000/- )روپے
For Order Please Contact
( 03094386375 )
WhatsApp
================================


