
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جو اجلاس ضلعي صدر شبير ڀٽي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو جي صدارت ۾ قومي ھائوس ٺٽو تي ٿي گذريو، جنھن ۾ ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ، بجلي بحران، وسيلن ۽ روزگار تي ڌاڙن خلاف 5 مئي کان 10 مئي تائين ٺٽي ضلعي جي ننڍن وڏن شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪرڻ سميت 12 مئي کان 17 مئي تائين ٺٽي ضلعي ھيڊ ڪوارٽر مڪلي ۾ مطالبن جي مڃتا لاء علامتي بک ھڙتال ڪئمپ قائم ڪري مرحليوار تحريڪ ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر ياسر جاکرو، ضلعي اڳواڻن لياقت ٻارڻ، ممتاز شيخ، بشير اللہ صاحب سمون، شفيع محمد پليجو، دانش خاصخيلي، شڪيل خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪري سمورن مامرن جو جائزو وٺي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٺٽي ضلعن جي ٽن اھم مسئلن پاڻي، بجلي ۽ روزگار تي لڳندڙ ڌاڙن تي مرحليوار تحريڪ ھلائڻ جو پڻ فيصلو ڪندي اڳواڻن چيو تہ ٺٽي ضلعي اندر ھوا وسيلي بجلي پيدا ڪندڙ 50 کان وڌيڪ ونڊ مل موجود آھن، جيڪي روزانو 2 ھزار ميگا واٽ بجلي تيار ڪري نيشنل گريڊ اسٽيشن تي وڪرو ڪري رھيا آھن، پر ساڳئي ئي ضلعي ۾ بجلي جو بحران پيدا ٿيل آھي، روزانو 12 کان 14 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جو آزار وڌيل آھي. جنھن ڪري عام ۽ ڪاروباري زندگي سخت متاثر ٿي رھي آھي، ھنن چيو تہ ڪينجھر ڍنڍ مان ڪي اي ڊي واھ وسيلي روزانو 12 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڪراچي کي فراھم ڪيو ٿو وڃي پر ڪي ڊي اي واھ ڀرسان 4 کان 6 ڪلو ميٽرن تي موجود اھم شھرن ٺٽو ۽ مڪلي سميت آس پاس جي انساني آبادين ۾ پاڻي جو سنگين بحران برقرار آھي لکين انسان پئيڻ جي پاڻي لاء پريشان آھن. ھنن چيو آھي تہ 50 کان وڌيڪ ونڊمل طرفان ساليانو سي ايس آر فنڊ جاري ڪيو وڃي ٿو جنھن جي ماليت ساليانو ڪروڙين روپيا آھي تنھن ھوندي بہ وسيلا مھيا ڪندڙ ڪوھستاني پٽي جا شھر جنگشاھي، جھمپير، اونگر، براد آباد، مالماڙي، ساڏورو، ۽ ٻيا علائقا جديد اسپتال، اسڪول، ڪاليج، پاڻي، بجلي، روزگار، روڊن، رستن ۽ ٻين انيڪ بنيادي ضرورتن کان محروم آھن انصاف واسطي علائقائي واسين جو احتجاج جاري آھي. جنھن صورتحال کي نظر ۾ رکندي قومي عوامي تحريڪ مرحليوار احتجاجي تحريڪ جو سڏ ڏنو آھي، اجلاس ۾ ڪيل فيصلن مطابق 5 مئي کان 10 مئي تائين ٺٽي ضلعي جي ننڍن وڏن شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا، 12 مئي کان 17 مئي تائين ٺٽي ضلعي ھيڊ ڪوارٽر مڪلي ۾ مطالبن جي مڃتا لاء علامتي بک ھڙتال ڪئي ويندي، ٺٽي ضلعي جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي، واپاري ڌرين سميت عام شھرين کي احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني ويندي. اجلاس ۾ وڪيو ميربحر، قاسم گھراڻو، غلام الدين ڀنڍ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس کان اڳ قومي عوامي تحريڪ ٺٽي جي ضلعي سيڪريٽريٽ ”قومي ھائوس ٺٽو“ جو افتتاح پڻ ڪيو ويو.
============================
Load/Hide Comments


