بورڊ آف ريونيو سنڌ ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي وچ ۾ بلاڪ چين تي ٻڌل ڊجيٽل لينڊ ريڪارڊ سسٽم جي شروعات لاءِ تاريخي معاهدو

ڪراچي، 1 ڊسمبر 2025: سکر آءِ بي اي يونيورسٽي، بورڊ آف ريونيو سنڌ سان گڏجي صوبي ۾ زمينن جي انتظام ۽ رڪارڊنگ کي ڊجيٽل بنيادن تي منتقل ڪرڻ طرف هڪ اهم اڳڀرو قدم کنيو آهي. اڄ هڪ باضابطه سروس ليول ايگريمينٽ (SLA) تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن تحت سنڌ ۾ روايتي ڪاغذي عمل جي جاءِ تي بلاڪ چين ٽيڪنالاجي تي ٻڌل “اي-ٽرانسفر آف ٽائيٽل سسٽم” جو باقاعدي آغاز ڪيو پيو وڃي، جيڪو لينڊ ريڪارڊ کي محفوظ، شفاف ۽ جديد ڊجيٽل نظام ۾ تبديل ڪندو.

سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ، هن ڀائيواري کي هڪ تاريخي سنگ ميل قرار ڏيندي چيو:
“هي قدم عوامي ڀلائي لاءِ ٽيڪنالاجي جي اثرائتي استعمال جو واضح مثال آهي. شفاف، محفوظ ۽ شهري مرڪوز ڊجيٽل پليٽفارم جي تياري ذريعي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي کي حڪومت سنڌ جي موثر ۽ قابلِ اعتماد لينڊ گورننس جي سفر ۾ حصو وٺڻ تي فخر آهي.”

صوبائي حڪومت جي هدايت تحت سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ڊجيٽل لينڊ ريڪارڊ سسٽم جي مڪمل ٽيڪنالاجيڪل پارٽنر طور ڪم ڪندي، جنهن ۾ پليٽفارم جي تياري، محفوظ انٽيگريشن، ۽ تسلسل سان ٽيڪنيڪل سپورٽ شامل آهي. هي سسٽم مستند ڊجيٽل Record of Rights، آن لائين وڪري ۽ منتقلي جون خدمتون، نادرا بائيو ميٽرڪ تصديق، سرڪاري فيسن جي اي-اداگيون، GIS تي ٻڌل لينڊ ميپنگ، ۽ مڪمل ڊجيٽل ورڪ فلو متعارف ڪرائيندو. بلاڪ چين ٽيڪنالاجي سان مضبوط ٿيل هي نظام مڪمل طور تي چھیڙڇاڑ کان محفوظ ماحول فراهم ڪندو، جنهن وسيلي شهري لازمي دستاويز اپلوڊ ڪري سگهندا، سڃاڻپ جي تصديق، آن لائين ادائيگي ۽ ڊجيٽل تصديق ٿيل ملڪيت جا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهندا.

پائلٽ مرحلو ضلعو ماتيارو ۽ ضلعو سکر ۾ مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي، جتي ڊيٽا جي ڊجيٽلائيزيشن تقريباً مڪمل ٿي چڪي آهي. صوبائي حڪومت جو ارادو آهي ته ايندڙ ٽي سالن دوران هن ڊجيٽل سسٽم کي سنڌ جي سڀني ضلعن تائين وڌايو وڃي، جنهن لاءِ هر ضلعي ۾ پيپلز سروس سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن شهرين کي ڊجيٽل خدمتن تائين آساني فراهم ڪري سگهجي.

بورڊ آف ريونيو سنڌ جي قيادت هن منصوبي کي “فليگ شپ ريفارم” قرار ڏيندي چيو ته هي نظام لينڊ گورننس کي جديد معيارن مطابق ٻيهر ترتيب ڏيندو، دستي رنڊڪن جو خاتمو ڪندو ۽ بدعنواني جي امڪانن کي گھٽ ۾ گھٽ سطح تي آڻيندو. مڪمل نفاذ کان پوءِ شهرين کي SIM ٽيڪنالاجي سان ليس محفوظ ڊجيٽل پراپرٽي ڪارڊ جاري ڪيا ويندا، جن ذريعي اهي محفوظ ويب بيسڊ پورٽل تي پنهنجي ملڪيت بابت تصديق ٿيل معلومات حاصل ڪري سگهندا.

سکر آءِ بي اي يونيورسٽي حڪومت سنڌ سان هن انقلابي منصوبي ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جي يقين دهاني ڪرائيندي چيو آهي ته هي قدم شفافيت، ڊجيٽل سهولتن جي فراھمي ۽ جديد سروس ڊليوري جي عالمي معيارن سان هم آهنگ آهي. هي ڀائيواري سنڌ ۾ لينڊ ريڪارڊ سسٽم کي جديد بڻائيندي ۽ شهرين کي ٽيڪنالاجي بيسڊ خدمتن وسيلي بااختيار بڻائيندي.

سکر
1 ڊسمبر 2025

اپنا تبصرہ بھیجیں