گذريل 35 سالن ۾ صوبائي ڊويزن جي پي ايس 78 ۾ جيڪي رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن اهي گذريل حڪومت جي دور ۾ نه ٿيا آهن. : حاجي علي حسن زرداري

ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
سنڌ جي سمورن ٻين ضلعن کان وڌيڪ ترقياتي ڪم ۽ عوامي ڀلائي جا ميگا منصوبا ٺٽي ضلعي ۾ منهنجي پاران ڏنا ويا آھن جن مان اڪثر روڊ رستن اسپتالن اسڪولن ڊرينيج پيئڻ جي پاڻي جون مڪمل ٿي ويون آھن ايستائين جو منهنجي اباڻي ضلعي شھيد بينظير آباد (نوابشاھ) ۾ ٺٽي ضلعي جي اسڪيمن جي ڀيٽ ۾ 50 سيڪڙو به ايترا ڪم نه ٿيا آھن، اهڙو اظھار ورڪس سروسز کاتي ۽ جيل کاتي جي صوبائي وزير ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي جي صوبائي تڪ پي ايس 76 ميرپور ساڪرو تان ايم پي اي بڻيل حاجي علي حسن زرداري نيشنل پريس ڪلب ٺٽو جي عهديدارن سان گڏجاڻي دوران ڪيو هن ٻڌايو ته سندس گذريل دورِ حڪومت ۾ گهوڙاٻاري جي صوبائي تڪ پي ايس 78 ۾ سندس ڪوششن سان جيڪي رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا اُھي ماضي جي 35 سالن جي عرصي ۾ به نه ٿيا هئا ۽ شايد هن طرف ڪنهن سياسي نمائيندي به ڪو ڌيان نه ڏنو هو هن چيو ته ٺٽو گهوڙاٻاري ڳاڙھو کان ڪيٽي بندر وايا جُوهو مين روڊن سميت ساحلي پٽي ۾ هزارين ڪلوميٽرن جون روڊ رستن جون اسڪيمون نه رڳو منظور ڪرايون ويون پر انهن کي پايه تڪميل تائين پهچايو ويو ساڳئي وقت اُڏيرو برانچ کي پڪو ڪرائي سڄي ساحلي خطي کي زرعي ۽ پيئڻ لاء پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو جو اڄ ڪيٽي بندر شھر جا رهواسي به گهر ويٺي پيئڻ جو پاڻي استعمال ڪن ٿا. هن چيو ته ڪيٽي بندر ٻگهاڻ ڳاڙھو گهوڙاٻاري ۽ ور شھرن ۾ ڊرينيج سسٽم کي بهتر بڻائي پيوَر بلاڪن ذريعي گلين ۽ روڊن کي ٺاهيو ويو جيڪي شھر ماضي ۾ نظر انداز ٿيل هئا صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ٻڌايو ته وڏي لاڳت سان ساحلي پٽي جي عوام کي صحت جي سهولت فراهم ڪرڻ لاء تعلقه اسپتال گهوڙاٻاري جو جيڪو واعدو ڪيو هو اهو به مڪمل ٿي چڪو جنهن کي هاڻي جلد عوام جي علاج جي سهولت لاء کوليو پيو وڃي. صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري چيو ته سالن کان تباھ حال ٺٽو جهمپير روڊ جي تعمير سان ڪوهستان واسين کي وڏو فائدو رسيو آھي ڳاڙھو کان ڪيٽي بندر تائين سالن کان رولڙي جو شڪار بڻيل نيشنل هاء وي جي روڊ کي ذاتي ڪوششون وٺي تعميراتي ڪم شروع ڪرايو ويو آھي جڏھن ته اربين روپين جي لاڳت سان ساحلي پٽي جي عوام کي سفري سهولت فراهم ڪرڻ سميت ساحلي ڳوٺن کي سامونڊي تباھ ڪارين کان بچائڻ لاء ڪوسٽل هاء وي جهڙي ميگا منصوبي تي سندس ذاتي ڪوششن سان سنڌ حڪومت ۽ وفاق پاران خصوصي بجيٽ رکي ان جي تعميرات جو ڪم به هلندڙ آھي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري چيو ته ٺٽي ضلعي جي عوام جنهن نموني سان گذريل ٻن عام چونڊن ۾ کيس ڪاميابي ڏياري مٿس اعتماد ڪيو آھي ان اعتماد تي پورو لهڻ لاء وڌيڪ رهيل عوامي منصوبن کي مڪمل ڪرائڻ سميت نيون اسڪيمون پڻ زير غور آھن جڏھن ته ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار مڪلي تي قائم ڊسٽرڪٽ جيل ٺٽو جو تعميراتي ڪم به تيزي سان جاري آھي جيڪو پڻ جلد مڪمل ڪرائي قيدين لاء کوليو ويندو. اُن موقعي تي نيشنل پريس ڪلب ٺٽو جي صدر محبوب بروهي نائب صدر ذوالفقار علي ميمڻ ۽ ورڪنگ ڪميٽي ميمبر عمر ڪنڀار پاران صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري کي ڀلي پار مان موٽي اچڻ تي عمري جي ادائيگي جون مبارڪون پڻ ڏنيون ويون.

اپنا تبصرہ بھیجیں