
ڪراچي (20 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بجيٽ جي فراهمي، جديد هٿيارن ۽ خاص سکيا ذريعي پوليس کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي احتساب ۽ اختيار جي دائري ۾ رهندي عوام جي اعتماد جي بحالي تي زور ڏنو ۽ پوليس کي مڪمل انتظامي خودمختياري ڏيڻ جي پڻ حمايت ڪئي. وڏي وزير اڳوڻن آئي جيز جي تنظيم اي ايف آئي جي پي جي وفد سان خطاب ڪيو ۽ وفد جي اڳواڻي تنظيم جي سربراه افضل شگري ڪئي جنهن کي وڏي وزير جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس اچڻ جي دعوت ڏني هئي. ملاقات ۾ گهرو وزير ضيا الحسن لنجار، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ شرڪت ڪئي. مجموعي طور تي ملاقات خوشگوار هئي، انتظامي سڌارن، احتساب ۽ کاتي اندر انتظامي خودمختياري تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وڏي وزير بجيٽ ۾ اضافي، جديد هٿيار جي فراهمي ۽ خاص سکيائي پروگرامن ذريعي پوليس کي مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. هن احتساب ۽ اختيارين جي دائري ۾ رهندي عوام جي اعتماد جي بحال تي زور ڏنو، پوليس جي پنهنجن جهيڙن کان بچڻ لاءِ انتظامي خودمختياري تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته 2002 کانپوءِ پوليس ۽ سول سروس وچ ۾ پاورز تبديل ٿيا آهن ان ڪري سڀني سروسز ۾ بهتر تعاون جي ضرورت آهي. اڳوڻي آئي جيز ڪانسٽيبلن کي تعليمي قابليت، لکڻ جي صلاحيت ۽ آئي ٽي مهارت ذريعي بااختيار بڻائڻ ۽ جاچ جي شروعات ڪانسٽيبل ليول کان ڪرڻ جي تجويز ڏني. وڏي وزير چيو ته هن مالي اختيارين کي ٿاڻن جي سطح تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي پر ڪانسٽيبل کي بااختيار بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي. اڳوڻي آئي جيز وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته شڪايتن کي درج ڪرائڻ ۽ نگراني لاءِ سينٽرلائيزڊ ريسورس مينجمينٽ سسٽم قائم ڪيو وڃي. ان تي اتفاق ڪيو ويو ته آر ايم ايس ڪمپلينٽ سيل بڻائڻ جي ضرورت آهي جتي شڪايتون درج ڪرڻ لاءِ پوليس کان علاوه ماڻهو مقرر ڪيا وڃن. ان موقعي تي اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي طرز تي اربن پوليسنگ جو ماڊل اختيار ڪرڻ جي امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڏوهن جي جاچ لڳائڻ ۽ متاثرن جي تحفظ واري نظام تي پڻ ڳالهايو ويو. وڏي وزير اڳوڻي آئي جيز کي چيو ته ان سلسلي ۾ پنهنجيون تجويزون اماڻين. ملاقات ۾ پوليس کي 1972 ۾ حيدرآباد ۾ الاٽ ڪيل 150 ايڪڙ زمين جي هلندڙ جهيڙي تي پڻ ڳالهايو. ان موقعي تي ڪراچي ۾ ٽريفڪ انتظام ۾ سڌارو ۽ سي پي ايل سي کي ٻين شهرن تائين پکيڙڻ تي پڻ ڳالهه بولهه ٿي. اڳوڻي آئي جيز پوليس آفيسرن ۽ سندس گهرڀاتين لاءِ سنڌ حڪومت پاران تازو متعارف ڪرايل ميڊيڪل انشورنس جي تعريف ڪئي ۽ ان کي سڄي ملڪ لاءِ هڪ ماڊل قدم قرار ڏنو. ملاقات جي پڄاڻي سڌارن لاءِ تعاون وڌائڻ جي عزم تي ٿي. افضل شگري دعوت ڏيڻ تي وڏي وزير جا ٿورا مڇيا. تعاون جي سوچ پبلڪ سيفٽي ۾ اضافي ۽ سنڌ پوليس تي اعتماد جي بحالي ڏانهن هڪ قدم آهي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ



