
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ درگاھ لشڪرشاھ واري علائقي مان 3 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل واپاري ربڏنو خاصخيلي جو زمين مان پوريل لاش ھٿ ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ هو ته پورھيت ٽن ڏينهن کان گم ھو، سندس ڇاتي ۾ ڪنهن تيز اوزار سان سوراخ نڪتل آھي، سندس قتل جي ٽيڪنيڪل طريقي سان جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي گھرو معاملو لڳي ٿو. ھوڏانھن سندس ڀائرن جو چوڻ هو ته اسان جي ڀاءُ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي اڳ به قتل ٿيڻ جون ڌمڪيون مليون ھيون، مڪمل تحقيقات بعد جوابدارن جو نالو ڏنو ويندو. مقتول واپاري چوپائي مال جو واپار ڪندو هو، جمعي واري ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو ھو.
https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC


