يوسي جھمپير جي وڏي آبادي واري ڪوھستاني ڳوٺ جان محمد برفت جي متاثر رھواسين پاران سندن ڪوھستاني زمينن تي بااثر ماڻھن پاران رات وچ ۾ قبضا ڪري پنھنجا

ٺٽو جيوي پاڪستان
يوسي جھمپير جي وڏي آبادي واري ڪوھستاني ڳوٺ جان محمد برفت جي متاثر رھواسين پاران سندن ڪوھستاني زمينن تي بااثر ماڻھن پاران رات وچ ۾ قبضا ڪري پنھنجا ھٿياربند ماڻھون ويھاري مقامي ماڻھن کي حراسان ڪري کين بيدخل ڪرڻ جي ڪيل ڪوششن خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاج ڪرڻ تي کين انصاف ملڻ بجاء ويتر بااثر لينڊ گريبر ڪوھستان واسين تي ڏمرجي پوليس جا اٽالا ڳوٺ تي موڪلي ڳوٺاڻن کي پوليس معرفت پريشان ڪرڻ لڳو اھي، جنھن ڪري ڳوٺاڻن جي زندگي عذاب بڻجي ويئي اھي، پر متاثر ڳوٺاڻن جي ڪير بہ مالڪي ڪرڻ وارو ناھي، ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺ جان محمد برفت جي ڪيترن ئي رھواسين سائين بخش برفت، بچندو برفت، عرس، لونگ، علي بخش، علي خان، جمع، عمر، مٺو، اشرف، محمد عيسيٰ، ميرخان، چنگيز، حاجي، يوسف برفت چيو تہ يوسي جھمپير جي ڪوھستان 7/1 ست ڀاڱي ھڪ جي ڪوھستاني روڌ مڪان ۽ کاکڙ مڪان ۾ سندن سوين ايڪڙ زمينون آھن، جن جا ڪاغذ بہ وٽن موجود ھجڻ باوجود ھڪ بااثر شخص مير لکي انھن زمينن تي زبردستي قبضو ڪري پنھنجا ھٿياربند ماڻھون ويھاري ڇڏيا آھن، جيڪي کين پوليس معرفت حراسان ڪري موتمار ڌمڪيون ڏيئي نقصان ڪرائي کين پنھنجي ئي ملڪيتن مان بيدخل ڪرڻ چاھين ٿا، جنھن خلاف آواز اٿاريو تہ بااثر شخص اسانتي ڏمرجي انصاف ڪرڻ بجاء ويتر نقصان جون ڌمڪيون ڏيئي اسانکي نقصان پھچائڻ چاھي ٿو، جنھن جون دانھون ڊي سي ٺٽو، ايس ايس پي ٺٽو، صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي کي ڏيئي چڪا آھيون، پر نہ ساڻن انصاف ٿي سگھيو اھي ۽ نہ ئي سندن زمينن تي ٿيل قبضو خالي ٿي سگھيو آھي، حد جي پوليس بہ اسانجي مدد ڪرڻ بجاء بااثر لينڊ گريبر جي حامي بڻيل آھي، جن خلاف ڪير ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھنن گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري سندن زمينن تي ٿيل قبضو خالي ڪرائي بااثر قبضاگير ۽ ان جي حامي قبضي تي ويٺل ھٿيارن خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ مھيا ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ انتھائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿينداسين، جنھن جي ذميوار ضلعي انتظاميہ ٺٽو توڙي بااثر شخص جن ھوندا

اپنا تبصرہ بھیجیں