
ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي) گذريل رات ڇتو چنڊ ڀرسان ھندو برادري جي فيملي سان پيش آيل حادثي جنھن ۾ ھڪ شخص جي فوت ٿيڻ ۽ ٻن عورتن سميت ٽن چڻن جي زخمي ٿيڻ واري واقعي بعد حادثي واري هنڌ تي زخمي انسان تڙپي رهيا هئا پر موقعي پرست اتي به نه مڙيا، جن حادثي جو شڪار بڻيل گاڏي ۾ پيل 8 لک 50 ھزار روپيہ ڪيش رقم، 2 سون جو چوڙيون، 1 منڊي ۽ 2 موبائل غائب ڪري ڇڏيون، جنھن ڪري حادثي جو شڪار بڻيل ديوان برادري جا مانھون سخت پريشان آھن، ان سلسلي م زخمي ٿيل ديوان برادري جي پريم چند ۽ نريش ڪمار صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي سان سنڌو درياء جي دولھ دريا خان پل تي ملاقات ڪري سندن ٿيل ساڍا 8 لک روپيہ ۽ بيو سامان چوري ٿيڻ جي دانھن ڏيندي چيو تہ ھڪ طرف حادثي ۾ ھڪ شخص جي فوت ٿيڻ سميت سندن ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿيا آھن، جن مان ھڪ عورت جي ڳڻتي جوڳي حالت آھي جيڪا ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج ھيٺ آھي، پر ظالمن سندن سڀ ڪجھ کڻي ويا آھن، ان موقعي تي صوبائي وزير سيد رياض حسين ساھ شيرازي ديوان برادري جي ماڻھن سان ھمدردي جو اظھار ڪندي کين خاطري ڪرائي تہ ساڻن انصاف ڪرائي ٿيل نقصان جو ازالو ڪرايو ويندو. صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ ان موقعي تي پوليس انچارج ۽ ٻين پوليس عملدارن کي سختي سان ھدايت ڪئي تہ ھو ديوان برادري سان انصاف ڪرائي چوري ٿيل ساڍا 8 لک روپيہ ڪيش رقم ۽ ٻيو سامان کين فورن ڏياريون وڃي، ان موقعي تي پوليس عملدارن صوبائي وزير کي خاطري ڪرائي تہ فورن جانچ ڪرائي ديوان برادري سان انصاف ڪرائي ٿيل نقصان جو ازالو ڪرايو ويندو.
Load/Hide Comments


