ٺٽو (رپورٽ علي گوهر قمبراڻي)
ٺٽي جي ضلعي انتظاميه ضلعي اندر گئس وڪرو ڪندڙ دڪاندارن ۽ ايل پي جي فلنگ اسٽيشنز جي مالڪن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڏني آھي ان سلسلي ۾ ٺٽي ۽ ميرپور ساڪرو جي مختيارڪار مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪندي رهائشي شھري ۽ ڪاروباري علائقن ۾ ايل پي جي سلينڊرن جي ڀرائي واري دڪانن توڙي بنا لائيسنز جي ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندي هلندڙ گئس سلينڊرز جي مالڪن کي ٻن ڏينهن جي وارننگ ڏيئي ڇڏي آھي ۽ کين سندن ايل پي جي فلنگ اسٽيشنز طور دڪانن کي رجسٽرڊ ڪرائي لائيسنز حاصل ڪرڻ توڙي ڪاروباري ۽ شھري آبادي وارن علائقن مان دڪانن کي ٻاهر منتقل ڪرڻ جي وارننگ ڏيئي ڇڏي آھي. ان سلسلي ۾ مختيارڪار ٺٽو مقصود جوکيو اسسٽنٽ مختيارڪار عزيز ميمڻ ٺٽي شھر جي شاهي بازار ۾ قائم 5 ايل پي جي دڪانن جو دورو ڪري جائزو ورتو جيڪي دڪان اوگرا اٿارٽي تحت بنا لائيسنز جي شھري آبادي ۾ دڪانون قائم ڪري گئس سلينڊرن ذريعي گيس وڪرو ڪري رهيا هئا گئس سلينڊرز جي دڪانن جي مالڪن کي سختي سان هدايت ڪئي وئي آھي ته اهي فوري طور تي شھري آبادين کان ٻاهر دڪانن جو بندوبست ڪن ۽ پنهنجي دڪانن کي لاڳاپيل اوگرا اٿارٽي وٽ رجسٽر ڪرائي گهربل حفاظتي قدم کڻن ٻئي صورت ۾ سندن خلاف ڪارروائي ڪري سندن دڪان سِيل ڪيا ويندا ھوڏانهن مختيارڪار ميرپور ساڪرو پڻ مختلف شھري علائقن ۾ ڪارروائي ڪري 5 کان مٿي ايل پي جي سلينڊرز جي دڪانن کي سيل ڪري ڇڏيو ٺٽي ضلعي اندر اڪثر ڪاروباري ۽ شھري ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ قائم گئس سلينڊر دڪان انتهائي خطرناڪ آھن جن جي نه رڳو غير معياري هجڻ جي شڪايت عام آھي پر انھن جا مالڪ گهربل قائدن ۽ ضابطن تي عمل پيرا نه آھن تنهنڪري کين وارننگ ڏني وئي آھي ته ايندڙ سومر تائين اهي پنهنجا دڪان شھري آبادي وارن علائقن مان ٻاهر منتقل ڪن ۽ پنهنجا ايل پي جي سلينڊر دڪان اوگرا اٿارٽي وٽ رجسٽر ڪرائي لائيسنس حاصل ڪري گئس ڀرائڻ وقت حفاظتي قدم کڻڻ لاء عملي کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻئي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروايون ڪيون وينديون: ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو
Load/Hide Comments


