موسميات کاتي ۽ پي ڊي ايم اي سنڌ پاران ساحلي پٽي تي سامونڊي طوفان جي الرٽ کي نظر ۾ رکندي ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو رات دير تائين ڪيٽي بندر جي مختلف علائقن ۽ ڳوٺن جو دورو ڪري ضلعي انتظاميہ پاران قائم ڪيل رليف ڪيمپن ۽ محفوظ هنڌن تي ماڻهن کي منتقل ڪرڻ واري ڪم جي نگراني ڪئي.

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي): موسميات کاتي ۽ پي ڊي ايم اي سنڌ پاران ساحلي پٽي تي سامونڊي طوفان جي الرٽ کي نظر ۾ رکندي ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو رات دير تائين ڪيٽي بندر جي مختلف علائقن ۽ ڳوٺن جو دورو ڪري ضلعي انتظاميہ پاران قائم ڪيل رليف ڪيمپن ۽ محفوظ هنڌن تي ماڻهن کي منتقل ڪرڻ واري ڪم جي نگراني ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر رليف ڪيمپن جو معائنو ڪيو ۽ متاثرن کي فراهم ڪيل سهولتن جو پڻ جائزو ورتو. ان موقعي تي هن اسسٽنٽ ڪمشنر ڪيٽي بندر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته متاثرن کي پيئڻ جي صاف پاڻي، کاڌي پيتي، طبي ۽ ٻين گهربل سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن کين ڪنهن به قسم جي پريشاني پيش نه اچي. هن کين وڌيڪ هدايت ڪئي ته ساحلي پٽي جي ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، ان سلسلي ۾ اين جي اوز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان پڻ مدد ورتي وڃي ته جيئن ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميہ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، ھُن چيو تہ عوام کي ڪنهن به ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪيٽي بندر ماجد حميد شيخ ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ هئا.

اپنا تبصرہ بھیجیں