
ڪراچي
تاريخ: 29 جولاءِ 2025
ڪرغزستان جي اعليٰ سطحي وفد جي ڪراچي آمد، توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه پاران آجيان
ڪراچي (): ڪرغزستان جو هڪ اعليٰ سطحي وفد اڄ ڪراچي پهتو، جتي سنڌ جي توانائي، منصوبه بندي ۽ ترقيات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه وفد جو ڀليڪار ڪيو ۽ سنڌ حڪومت طرفان پرجوش آجيان پيش ڪئي.
وفد جي اڳواڻي ڪرغزستان جي منسٽر ڪيبنٽ جي ڊپٽي چيئرمين ايدل بيسالوف (Edal Baisalov) ڪري رهيا هئا. ملاقات دوران سنڌ جي توانائي واري وزير ۽ ڪرغزستان جي وفد جي وچ ۾ رسمي ڳالهيون ٿيون، جن ۾ ٻه طرفي سهڪار، توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري، ۽ گڏيل دلچسپي وارا معاملا زير بحث آيا.

سيد ناصر حسين شاهه وفد کي سنڌ جي توانائي واري شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن بابت آگاهي ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت قابل تجديد توانائي، سولر پارڪ، ونڊ انرجي، ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ موجود وسيلن ۽ حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي ڪري نه صرف ڪرغزستان پر ٻين ملڪن لاءِ به ڀرپور موقعا موجود آهن. ان موقعي تي هن ڪرغزستان جي سيڙپڪارن کي توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني.
ڪرغزستان جي وفد به سنڌ جي مختلف شعبي ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ سنڌ حڪومت جي قدمن جي ساراهه ڪئي.
اها ملاقات ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، واپاري سهڪار وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري جا نوان رستا کولڻ ڏانهن هڪ مثبت قدم قرار ڏنو ويو.
محمد شبيہ صديقي
ڊائريڪٽر ميڊيا مئنيجمينٽ
وزير توانائي ۽ منصوبه بندي و ترقيات، حڪومت سنڌ


