
ٺٽو(ڊر)مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني چيو آھي ته پاڻي جي معاملي تي نواز ليگ سنڌ سان ڪابه زيادتي ٿيڻ نه ڏيندي آئون سنڌ جي عوام کي خاطري ٿو ڪرايان ته پاڻي جي معاملي تي سنڌ جي عوام ۽ پيپلزپارٽي جا خدشا دُور ڪيا ويندا بين المذاهب بابت وفاقي مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني ٺٽي ۾ صحافي اقبال جاکرو جي ڀاءُ جي وفات تي عذر خواهي بعد ميڍيا سان ڳالهيندي چيو ته سنڌ جي عوام جي احساسِ محرومي کي ختم ڪري گڏيل مشاورت سان اڳتي وڌنداسين ڪئنالن جو معاملو هر صورت ۾ آئيني فورمن تي ئي حل ٿيڻو آھي پيپلزپارٽي اينٽي پ پ فورسز جي مهم سبب احتجاج ضرور ڪري رهي آھي پر نواز ليگ قيادت ۽ وزيراعظم پيپلزپارٽي سان رابطي ۾ آھي 1991ع جي پاڻي معاهدي تحت پاڻي جو معاملو خوش اصلوبي سان حل ڪيو ويندو پنجاب کي سنڌ جي پاڻي جو ڦُڙو به کڻڻ نه ڏينداسين سنڌ کي حصي جو پاڻي ملندو ملڪ اندر هن وقت مجموعي طور پاڻي جي کوٽ قدرتي ۽ ماحولياتي سببن جي ڪري آھي کيئل داس ڪوهستاني چيو ته سنڌ جو پاڻي پنجاب نه پيو کڻي پر پاڻي تي ڌاڙو هڻي آبي دهشتگردي جي شروعات ته گهڻو
اڳ ڀارت پاران ڪئي وئي منهنجي به خواهش آھي ته سڄي سنڌ ۽ پوڇڙ واري خطي توڙي ڊيلٽا کي پاڻي ملي جڏھن ڪئنالن جو معاملو ايڪنِڪ توڙي سي سي آئي ذريعي منظور ئي ناهي ٿيو ته اُن لاء ھاءِ گهوڙا بدران آئيني فورمن تي ڳالهائڻ گهرجي مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني الزام هڻندي چيو ته احتجاج ڪرڻ ھر ڪنھن جو آئيني حق آھي پر سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ وچ ۾ نفرتون وڌائڻ لاء مهم جوئي ڪئي پئي وڃي ۽ اُھي انتشاري ڌريون ڪئنالن واري معاملي تي احتجاج ڪري رهيون آھن جيڪي مشرف سان گڏ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ مهم هلائي رهيون هيون ھن چيو ته نواز ليگ پوري پاڪستان سميت سنڌ ۾ امن امان کي بحال ڪرائي موٽروي جا ميگا منصوبا ڏنا ۽ ڌاڙيل راڄ جو خاتمو آندو چئني صوبن کي برابري جي بنياد تي نواز ليگ ڏسي ٿي انڪري ڪنھن به ننڍي صوبي کي احساسِ محرومي جو شڪار ٿيڻ نه ڏينداسين سکر کان حيدرآباد موٽروي جي منصوبي تي جلد عملدرآمد شروع ڪرايو ويندو ۽ ڪراچي کان حيدرآباد تائين نئين موٽر وي جي ضرورت آھي جنهن کي پڻ شروع ڪرايو ويندو ھن وڌيڪ چيو ته ارڙھين آئيني ترميم کانپوء صوبن کي بااختيار بڻايو ويو آھي پاڻي جي کوٽ کي مدنظر رکي سمورن صوبن ۾ آبپاشي نظام ک


ٺٽو(ڊر)گذريل ڏينهن ٺٽي ۾ مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني جي گاڏي جي رستا روڪ ڪري ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪندي مٿس ٽماٽن ۽ آنن جي وسڪارو ڪرڻ وارو معاملو ٺٽي جي عدالت گرفتار ايس ٽي پي ٺٽي جي ضلعي صدر سيد جلال شاھ جي ضمانت منظور ڪري ورتي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني جي گاڏي جي رستا روڪ ڪري ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪرڻ جي الزام هيٺ رات ايس ٽي پي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ضلعي صدر جلال شاھ کي گرفتار ڪيو ويو هو ٺٽو پوليس گرفتار ڪيل ايس ٽي پي ٺٽي جي ضلعي صدر سيد جلال شاھ کي فيملي جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٺٽو مقتدر حسين جي عدالت ۾ رمانڊ لاء پيش ڪيو جتي سيد جلال شاھ جي طرفان وڪيلن ايڊووڪيٽ اختر جماري ايڊووڪيٽ اعزاز شاھ ۽ ايڊووڪيٽ شھباز ميمڻ پاران ضمانت جي درخواست داخل ڪندي دليل پيش ڪيا ويا عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ايس ٽي پي ٺٽي جي ضلعي صدر سيد جلال شاھ جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو 50 هزار روپين جي مچلڪن عيوض کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو ٻئي طرف پوليس ڇاپا هڻي ايس ٽي پي جي هڪ وڌيڪ ڪارڪن جمال تارو کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد ايس ٽي پي ٺٽي جي ضلعي صدر سيد جلال شاھ آس اخبار سان ڳالهائيندي چيو آھي ته سنڌو درياءُ تي ڪئنالن جي اڏاوت واري معاملي ۾ نواز ليگ سرڪار سڌي ريت شامل آھي نواز ليگ سان لاڳاپيل وزيرن جو گهيراءُ ڪري سندن رستا روڪ جو سلسلو جاري رکيو ويندو ضمانت تي آزادي بعد ٺٽي جي ضلعي صدر جلال شاھ جي اڳواڻي ۾ سيشن ڪورٽ ٻاهران احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي

ٺٽو: وفاقي وزير کئيل داس ڪوھساني تي حملي جي ايف آئي آر سنڌ ترقي پسند پارٽي ٺٽي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن تي ڪٽي وئي ايف آئي آر ۾ ضلعي صدر سيد جلال شاه ، حيدر شورو ، حڪيم بروھي، جاويد جانوري ۽ چار نامعلوم ماڻھن کي ايف آئي آر ۾ نامزد ڪيو ويو آھي جڏهن ته رات دير سان پوليس ايس ٽي پي جي صدر جلال شاھ ۽ جمال تارو کي گرفتار ڪيو ويو آھي
ٺٽو(ڊر)
مملڪتي وزير کيئلداس ڪوهستاني جي رستا روڪ ۽ مٿس مبينا حملي جو وزير اعظم شهباز شريف نوٽيس ورتو مملڪتي وزير کيئلداس ڪوهستاني سان رابطو ڪري وزير اعظم کانئس خيريت ۽ تفصيل معلوم ڪيو


