
ڪراچي (10 ذوالحج 1445 هه) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڌرتي واسين کي عيد جون واڌايون ڏيندي چيو آھي تھ سنڌ جي ماڻھن کي عيد جون خوشيون مبارڪ ھجن. اھا ڳالھھ ھن وزيراعليٰ ھائوس مان سندس جاري ڪيل پيغام ۾ ڪئي. وڏي وزير چيو تھ عيدالاضحيٰ جي اصل روح ايثار ۽ قرباني آهي ۽ اسانکي عيد جي خوشين ۾ پنهنجي مائٽن مائٽن، پاڙيسرين ۽ غريبن کي پڻ شامل ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير دعا ڪندي چيو تھ الله سائين سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ امن ۽ خوشحالي عطا فرمائي.
عبدالشيد چنا
ترجمان وزيراعليٰ سنڌ


