
جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي پريس رليز 28 آگسٽ 2024
جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (جي ايس ايم يو) جي سينڊيڪيٽ ۾ نئين ميڊيڪل ڪاليج جي منظوري، ملازمن لاءِ گهٽ کان گهٽ اجرت 37 هزار رپيا مقرر
بي ايس اين ۽ ڊي پي ٽي هائوس آفيسرن لاءِ 25000 رپيا ماهوار وظيفو منظور
ڪراچي (پ ر) جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (جي ايس ايم يو) جي سينڊيڪيٽ جو 30هون اجلاس 28 آگسٽ 2024 تي وائس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيو.
رجسٽرار ڊاڪٽر اعظم خان طرفان پيش ڪيل ايجنڊا جي گڏيل طور منظوري ڏني وئي، 14 جون 2024 تي ٿيندڙ فنانس اينڊ پلاننگ ڪميٽي جي 15هين اجلاس جي منٽس جي به منظوري ڏني وئي.
اجلاس دوران سال 2024 ۽ 2025 جي بجيٽ ڪاٿن تي ڳالهايو ويو، سينڊيڪيٽ ايندڙ اجلاس ۾ حقيقي انگ اکر پيش ڪرڻ جي درخواست ڪئي، اهو به منظور ڪيو ويو ته جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي فزيوٿراپي (ڊي پي ٽي) ۽ نرسنگ (بي ايس اين) پروگرامن جي گريجوئيٽ شاگردن لاءِ، جيڪي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي)، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو وسڪيولر ڊيزيزز (اين آءِ سي وي ڊي) ۽ وليڪا اسپتال ۾ هائوس جاب ڪندا، 25000 رپيا ماهوار وظيفو مقرر ڪيو ويندو، جيڪو هڪ سال لاءِ هوندو.
ڊائريڪٽر فنانس عادل رشيد اڪائونٽس آفيسرن لاءِ ٽن نين جاين جي تخليق تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جن مان ٻه کي سليڪشن بورڊ ذريعي ڀرتي ڪيو ويندو، باقي عهدي جي ترقي جو مسئلو ايندڙ اجلاس ۾ حل ڪيو ويندو.
سينڊيڪيٽ جي ايس ايم يو جي ملازمن لاءِ گهٽ کان گهٽ پگهار 37000 رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، جيڪا حڪومت جي تازي اعلان موجب آهي.
ايڇ اي سي جي رهنما اصولن موجب سينڊيڪيٽ داخل ذيل فيڪلٽي ميمبرن کي ٽن سالن لاءِ شعبن جي سربراهن طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، پروفيسر خالد شير (نيورولوجي شعبو)، پروفيسر عبدالمنان (نيفرولوجي شعبو)، پروفيسر حليمه ياسمين (گائناڪولوجي اينڊ آبسٽيٽرڪس شعبو)، پروفيسر شهزاد علي (يورولوجي شعبو) ۽ ڊاڪٽر صدف حامد (اناٽومي شعبو).
وزيراعليٰ سنڌ طرفان منظوري بعد ملير ڪيمپس ۾ نئين ميڊيڪل ڪاليج جي قيام جي به منظوري ڏني وئي، جيڪو سيلف فنانس جي بنياد تي هوندو.
سينڊيڪيٽ سليڪشن بورڊ جي 191، 192 ۽ 195هين اجلاس جي منٽس جي به منظوري ڏني، جن کي ڊائريڪٽر ايڇ آر ڊاڪٽر راحت ناز پيش ڪيو.
وائس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ چيو ته سينڊيڪيٽ جو اجلاس ڪامياب رهيو ۽ سمورا اهم فيصلا گڏيل طور ڪيا ويا، اسان پنهنجي شاگردن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ اهو يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون ته اسان جي يونيورسٽي پاڪستان ۾ ميڊيڪل تعليم ۾ سڀ کان اڳتي رهي.
========================


