
لاڙڪاڻي جي زيتون ۽ خيرپور جي کجور کي ايڪسپورٽ ڪرڻ لاء ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان طرفان ھر ممڪن سھولت آبادگارن ۽ واپارين کي ميسر ڪئي ويندي جيئن وڌ ۾ وڌ وافر مقدار ۾ پيدا ٿيندڙ زرعي جنسون ايڪسپورٽ ڪري وڌ کان وڌ فارين ايڪسچينج حاصل ڪري ملڪي معيشت ۽ آبادگارن جي خوشحالي ۾ بھتري آڻي سگھجي ٿي
ڊپٽي جنرل مينيجر ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان مير محسن بلو ايوان زراعت لاڙڪاڻي جي آفس ۾ خطاب ڪندي چيو

ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ زرعي ايڪسٽينشن جي ڪوششن سان ايوان زراعت لاڙڪاڻون جي دفتر ۾ ملڪ جي معروف ميون جي ايڪسپورٽر ذوالفقار مومن علي خان جي زيتون جي آبادگارن سان ملاقات جو بندوبست ان لاء ئي ڪيو ويو آھي جيئن لاڙڪاڻي مان زيتون جي ڏيساور واپار ممڪن بڻائي سگھجي ھن ميٽنگ ۾ اسد سولنگي ڊويزنل ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت ـ مير محسن علي بلو ڊپٽي جنرل ميئنيجر ٽي ڊيپ ـ فداحسين مھيسر ڊپٽي ڊائريڪٽر ٽي ڊيپ سکر ريجن ـ محمد وقاص سينيئر ايگزيڪيوٽو ايف ايف سي ـ امجد علي ڀٽو ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت لاڙڪاڻو ـ سيد سراج راشدي ـ صدر ايوان زراعت لاڙڪاڻو، فرحان خان ڀٽو اسٽيٽ ميئنيجر نئوديرو، ارشد کوکر، ذوالفقار ميرالي، محمد نواز ٽڳڙ، ذوالفقار ڀٽي، علي گل، محمد اياز ميراڻي ۽ ٻين زيتون جي آبادگارن ۽ واپارين شرڪت ڪئي آخر ۾ ڀٽو اسٽيٽ ۽ راشدي فارم جي وزٽ ڪري لاڙڪاڻي جي زيتون جون مختلف جنسن ڏٺيون انھي موقعي تي معزز مھمان خاص پاڪستان جي معروف ايڪسپورٽر ذوالفقار مومن آبادگارن کي ٿائي گولڊن 8 جنس جنھن جي بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ ڊمانڊ ۽ اگھ ھجڻ ڪري لڳائڻ جو زور ڀريو ۽ اھا امپورٽيڊ زيتون جي جنس ۽ عالمي معيار جي امپورٽيڊ انب جي چڪين جو تحفو پيش ڪيو جيڪي راشدي فارم نئوديرو ۾ لڳايون ويون
لاڑکانہ محمد عاشق پٹھان


