سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي انشورنس محتسب ممتاز علي شاهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ انشورنس پاليسي هولڊرن جي حقن جي تحفظ بابت سالياني رپورٽ پيش ڪئي وئي

ڪراچي (15 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي انشورنس محتسب ممتاز علي شاهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ انشورنس پاليسي هولڊرن جي حقن جي تحفظ بابت سالياني رپورٽ پيش ڪئي وئي. محتسب ٻڌايو ته سال 2024 دوران کين 6116 شڪايتون وصول ٿيون جن مان 5827 (95.27 سيڪڙو) شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو آهي جڏهن ته باقي 289 شڪايتن تي ڪارروائي جاري آهي. وڏي وزير محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته عوام ۾ آگاهي مهم کي وڌايو وڃي ته جيئن پاليسي هولڊر پنهنجن حقن کان واقفيت حاصل ڪري سگهن ۽ انشورنس ڪمپنين سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪرائي سگهن.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں