ڄامشورو بدامني ناصور بڻيل پوليس مڪمل ناڪام شھر جا روڊ رستا ڦرن لٽيرن حوالي

ڄامشورو بدامني ناصور بڻيل پوليس مڪمل ناڪام
شھر جا روڊ رستا ڦرن لٽيرن حوالي
سينڊوز روڊ جي رھواسي واڍي کان چار ڏينھن اڳ ٿاڻي اڳيان ٿيل ڦر واقعي خلاف ۽ سينڊوز روڊ ۽ پٺيان ريلوي پٽڙي تي سماجي براين منشيات فروشي خلاف علائقي واسي سراپا احتجاج ھنگامي ميڙاڪو بدامني خلاف عوامي رابطا مھم ڪرڻ جدوجھد ڪرڻ جو اعلان پوليس خلاف نعريبازي

ڄامشورو شھر اندر بدامني ناصور بڻيل آھي تازو جمعي ڏھاڙي ڄامشورو ٿاڻي اڳيان سينڊوز روڊ واسي پورھيت واڍو محراج سومرو کان سينڊوز کان سيد آباد ويندڙ ريلوي موري وٽ ھٿيارن جي زور تي نئين سي دي 70 ڦر ڪرڻ واري واقعي خلاف علائقي سينڊوز روڊ واسي سراپا احتجاج پوليس جي غير ذميواري بدامني خلاف احتجاجي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ علائقي واسين ڪاروباري ماڻھن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن عبدالجبار مگسي عرفان برفت اسلم ٽالاڻي اسلم اسراڻ علي گوھر مگسي سميع الله لاشاري مختيار چانڊيو متاثر اسڪوٽر مالڪ محراج سومرو ۽ ٻين چيو شھر پوليس ڏوھارين کي ٺيڪي تي ڏنو آھي ھر عزدتدار شھري واپاري دوڪاندار استاد شاگرد جج وڪيل ڊاڪٽر بدامني جي ورچڙھيو آھي ڄامشورو ٿاڻو سينڊوز روڊ تي ھجڻ باجود بـ ھتي ڦرن ٿي رھيون آھن ريلوي پٽڙي تي تي ڏوھاري ويٺل آھي اھي سرعام ڏوھ ڪن ٿا منشيات وڪرو ڪن ٿا موالين جو قطارون لڳل آھن ننڍڙا اسڪول ويندڙ ٻار انھن کي ڏسن ٿا انھن تي ڪھڙو اثر پوندو ھوندو ڪجھ مھينا اڳ سينڊوز روڊ واسي صحافي ارشاد برفت کان موٽرسائيڪل ڦر ڪئي وئي آھي صحافي صدر جوڻيجو جو گھر چور ٻھاري ويا آھن سنڌ يونيورسٽي ملازم مرتظي مگسي جي موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي آھي پوليس کي خبر ھجڻ باوجود انھن خلاف ڪاروائي ناھي ٿي سگھي انھن کي اڃاتائين رڪوري ناھي ٿي ملي

ھنن چتاء ڏيندي چيو آھي اسان شھر اندر رابطا مھم ھلائي بدامني خلاف جلد احتچاج ڌرڻا ھڻداسين

اپنا تبصرہ بھیجیں