
ميرپورخاص رپورٹ تحسین احمدخان~
صوبائي وزير زراعت سردار محمد بخش خان مهر صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه سان گڏ 56 هين انبن جي نمائش جو ربن ڪٽي باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو . تفصيل موجب صوبائي وزير زراعت سردار محمد بخش خان مهر صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه سان گڏ مينگو فيسٽيول هال ۾ 56هين انبن جي نمائش جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي پ پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو، چيئرمين ضلعي ڪائونسل ميرپورخاص انور ٽالپر، ميئر عبدالرئوف غوري، سيڪريٽري زراعت رفيق احمد ٻرڙو ، ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن فيصل احمد عقيلي، ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص ڊاڪٽر رشيد مسعود خان، مينگو فيسٽيول مينيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين عارف خان ڀرڳڙي ۽ ٻين ميمبرن، کان علاوه ڊائريڪٽر جنرل ثقافت منور علي مهيسر ، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ پارٽي عهديدارن ۽ عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر چيو ته ميرپورخاص جو سنڌڙي انب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، اهو ئي سبب آهي ته هر سال ميرپورخاص ۾ انبن جي نمائش منعقد ڪئي ويندي آهي، هن چيو ته سنڌ جي زراعت کاتي پاران ملڪي ڪرنگهي جي حيثيت رکندڙ زراعت شعبي سان واڳيل آبادگارن ۽ زميندارن جي ڀلائي لاءِ انقلابي منصوبا شروع ڪيا آهن ، هن چيو ته زراعت کاتي پاران زرعي جنسن کي عالمي معيار مطابق برآمد ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي . ته جيئن ملڪي ناڻي ۾ اضافو ٿي سگهي. زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر چيو آهي ته زراعت کاتو ايڪسپورٽ جي معيار کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ايڪسپورٽ کي هٿي وٺرائڻ سان مشڪلاتن ۽ چئلينجز کي گهٽائي ايڪسپورٽ کي هٿي وٺرائي وڃي ، ان موقعي تي ڪمشنر ميرپورخاص فيصل احمد عقيلي چيو ته انبن جي نمائش سان ميرپورخاص جي انبن جي ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان سان ئي بين الاقوامي مارڪيٽ تائين ممڪن بڻائي سگهجي ٿو، تنهنڪري زراعت کاتي، آبپاشي ۽ آبادگارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. 56هين آم جي نمائش ۾ انبن جي 200 کان وڌيڪ قسمن ۽ مختلف ضلعن مان 50 هارين پنهنجا اسٽال لڳايا. جڏهن ته ثقافت کاتي پاران مختلف دستڪاري هنر جي سامان جا 25 اسٽال پڻ لڳايا ويا *


