سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي نئين ڪابينا جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي 4000 رپيا في مڻ جي حساب سان 9 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي.

ڪراچي (13 مارچ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي نئين ڪابينا جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي 4000 رپيا في مڻ جي حساب سان 9 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. ڪابينا انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) جي چيئرمين جي مقرري تي تحفظات جو اظهار ڪندي چيو ته اها پاڻي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. سنده ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ناصر شاهه، سردار شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو، ضياءَ لنجار، محمد بخش مهر، حاجي علي حسن زرداري، ذوالفقار شاهه سميت صلاحڪارن ۾ بابل خان ڀيو، احسان مزاري، نجمي عالم، نئون چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ايڊووڪيٽ جنرل، پراسيڪيوٽر جنرل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪابينا چيو ته ارسا جو چيئرمين صوبن يا وري وفاقي حڪومت جي ميمبرن مان چونڊيو وڃي، ٻاهران ڪنهن کي به ارسا جو چيئرمين نٿو بڻائي سگهجي ۽ ائين ڪرڻ سان پاڻي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي هوندي. ڪڻڪ: خوراڪ واري صوبائي وزير ڄام خان شورو اجلاس کي ٻڌايو ته کاتي وٽ 4 لک ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي. هن تجويز ڏني ته کاتي وٽ ان جون 8 لک ٻوريون آهن تنهنڪري ڪڻڪ جو هدف 8 لک مقرر ڪيو وڃي. غور ويچار کانپوءِ کاتي فيصلو ڪيو ته ڪڻڪ جي فصل 24-2023 لاءِ 4000 رپيا في 40 ڪلوگرام جي امدادي قيمت تي 9 لک ڪڻڪ جي خريداري جو هدف مقرر ڪيو وڃي. وڏي وزير خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته هو هڪ لک ان جو ٻوريون خريد ڪري خوراڪ کاتي جون ٽيمون متحرڪ ڪري ڪڻڪ جي خريداري جلد کان جلد شروع ڪري. پرائس ڪنٽرول: ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت ڪابينا کي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن تي ضابطو آڻڻ بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني دوران قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا ڇاپا هڻي رهي آهي. ضلعي انتظاميا 6 مارچ 2024ع کان هيستائين 1500 ڇاپا هنيا ۽ 1150 ڪيس داخل ڪيا، 14 دڪان سيل ڪيا ۽ 7.14 ملين رپيا ڏنڊ اوڳاڙيو آهي. وڏي وزير پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مارڪيٽن جا اوچتو دورا ڪن. وڏي وزير چيو ته آئون چاهيان ٿو ته مارڪيٽ ۾ اعلانيل اگهه کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائيون جاري رکيون وڃن. امن ۽ امان: گهرو وزير ضياءَ لنجار ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پهرين جنوري کان 12 مارچ 2024 تائين سڄي صوبي ۾ قتل جا 274، ڀنگ عيوض اغوا جا 84 ۽ ڀتا خوري جا 30 ڪيس سامهون آيا. پوليس خلاف ڏوهارين جا 2921، ملڪيتن تي قبضن جا 6486، مقامي ۽ خاص قانون جا 4517، حادثن جا 163 ۽ ٻيا الڳ 4643 ڪيس داخل ڪيا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن ۾ 4.18 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. ان تي وڏي وزير چيو ته ڏوهن جي شرح هر مهيني تبديل ٿيندي ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿي رهي آهي پر عوام ان گهٽتائي کي محسوس نه ڪيو آهي. هن گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته علائقي جي ايس ايڇ اوز ۽ ايس ايس پيز کان پڇاڻو ڪيو وڃي. واضح رهي ته جنوري 2024ع ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 7822، فيبروري ۾ 5876 ۽ مارچ (12 مارچ تائين) ۾ 2234 واقعا رڪارڊ ڪيا ويا. ڀنگ عيوض اغوا: ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته اغوا جي 78 ڪيسن مان 49 آزاد ڪرايا ويا آهن ۽ 29 ڪيس اڃا التوا هيٺ آهن. اغوا جي 29 ڪيسن مان 6 جو تعلق گهوٽڪي، 9 جو شڪارپور ۽ 14 جو تعلق ڪشمور سان آهي. واضح رهي ته قبائلي تڪرارن سبب اغوا جا واقعا وڌي رهيا آهن. ان تي وڏي وزير گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته ڪجهه وزيرن، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن قبائلي تڪرار جلد کان جلد نبيرو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڀنگ لاءِ بيگناهه ماڻهن جو اغوا ڪرڻ قبول جوڳو نه آهي، ڌاڙيلن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. منشيات فروش: وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڊرگ مافيا خلاف آپريشن جاري آهي ۽ اڪثر منشيات فروش ۽ عادي ڏوهاري اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث آهن. هن پوليس کي هدايت ڪئي ته ڊرگ مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سيڪيورٽي وڌائي وڃي. ريڊ لائن پروجيڪٽ: ٽرانسپورٽ واري سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ريڊ لائين منصوبي تي ڪم روڪيو ويو آهي جنهن سبب نه رڳو علائقي جا ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن پر منصوبي جي لاڳت ۾ واڌ جو پڻ خدشو آهي. وڏي وزير ٽرانسپورٽ واري وزير کي هدايت ڪئي ته منصوبي تي ڪم تيز ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪا به رڪاوٽ آهي ته ان کي ختم ڪيو وڃي. ترقياتي ڪم: وڏي وزير صوبائي وزير پي اينڊ ڊي ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو منظور ڪيل ترقياتي اسڪيمن جو جائزو وٺي جيڪي اليڪشن سبب التوا هيٺ آهن. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته منظور ٿيل اسڪيمن تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪيو وڃي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں