نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي شڪست

نواز شريف مانسره جي قومي تڪ تان هارائي ويو ۽ لاهور جي قومي تڪ تان کٽي ويو

بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي قومي تڪن تان ڪامياب ٿيو آهي، جڏهن ته بلاول لاهور جي قومي تڪ تان هارائي ويو

مانسهره جي قومي تڪ اين اي 15 تان نواز شريف 80 هزار 382 ووٽ کڻي سگهيو

آزاد اميدوار شهزاده محمد گتاسپ هڪ لک 5 هزار 249 ووٽ کڻي نواز شريف کي شڪست ڏني

لاهور جي قومي تڪ اين اي 130 تان نواز شريف هڪ لک 71 هزار 24 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو

پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ياسمين راشد هڪ لک 15 هزار 43 ووٽ کڻي هارائي وئي، بلاول لاهور جي قومي تڪ اين اي 127 تان هارائي ويو

اين اي 127 لاهور تي نواز ليگ جو اميدوار 98 هزار 210 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي

آزاد اميدوار ملڪ ظهير عباس کوکر 82 هزار 230 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو، بلاول کي رڳو 15 هزار 5 ووٽ مليا

بلاول لاڙڪاڻي جي قومي تڪ اين اي 194 تي جي يو آءِ اميدوار راشد محمود سومرو کي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي ڇڏي

بلاول ڀٽو زرداري هڪ لک 31 هزار 217 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، راشد محمود سومرو 34 هزار 572 ووٽ کڻي سگهيو

قمبر شهدادڪوٽ جي قومي تڪ 196 تي بلاول 85 هزار 370 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، سندس مقابلي ۾ جي يو آءِ اميدوار ناصر محمود سومرو 34 هزار 499 ووٽ کڻي سگهيو

شهباز شريف ۽ مريم نواز به لاهور جي تڪن تان ڪامياب ٿي ويو آهي

TAGStop_stories

اپنا تبصرہ بھیجیں