عورت ماهيگير اڳواڻ ياسمين شاھ چيو آھي تہ سنڌو درياءُ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن سان گڏوگڏ ماهيگيري جي صنعت تباھ ٿي ويندي تنهنڪري 14 مارچ تي دريائن جي عالمي ڏينهن تي ڪئنالن خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي ميڙاڪو سڏائي ملاحن پاران مرحلي وار تحريڪ جو اعلان ڪيو ويندو


ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
عورت ماهيگير اڳواڻ ياسمين شاھ چيو آھي تہ سنڌو درياءُ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن سان گڏوگڏ ماهيگيري جي صنعت تباھ ٿي ويندي تنهنڪري 14 مارچ تي دريائن جي عالمي ڏينهن تي ڪئنالن خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي ميڙاڪو سڏائي ملاحن پاران مرحلي وار تحريڪ جو اعلان ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ ماهيگير عورت اڳواڻ نوري ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي چيئرپرسن ياسيمن شاھ نيشنل پريس ڪلب ٺٽو ۾ ملاحن سان گڏ پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هڪ طرف سنڌو درياءُ ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ مٺو پاڻي نه ڇڏڻ سبب ٺٽي سجاول بدين ضلعن جون ڍنڍون متاثر ٿي رهيون آھن ۽ ملاح طبقو معاشي بدحالي جي ور چڙھي ويو آھي ته ٻئي طرف سنڌو درياءُ مان نوان ڪئنال ڪڍي ملاحن سميت ڪروڙين سنڌ واسين جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي اهڙين ناانصافي خلاف ڀرپور مزاحمتي تحريڪ هلائي ويندي. ھن چيو ته ملاحن کي هٿ وٺي ديوار سان لڳايو پيو وڃي ملاحن جو آواز بڻجڻ بدران ماهيگيرن جي تنظيم فشر مين سوسائٽي جون چونڊون به نه پيون ڪرايون وڃن جڏھن ته ملاحن کي بنيادي روزگار جي حق کان محروم رکي ڍنڍن تي قبضا ڪيا پيا وڃن ماهيگير عورت اڳواڻ ياسيمن شاھ پريس ڪانفرنس ڪرڻ دوران اعلان ڪندي چيو ته ٺٽي ضلعي جي ڇڇ ڍنڍ سجاول ضلعي جي ڪُن پرائو ڍنڍ بدين ضلعي جي نريڙي ڍنڍ ۽ سانگھڙ ضلعي جي ڪاڪائُو ڇنڍڻ جي ڍنڍن تي بااثر ڌرين پاران قبضا ڪري مقامي ملاحن کي بيدخل ڪيو پيو وڃي جڏھن ته نريڙي ڍنڍ جي ڀرپاسي جي لکين ايڪڙ زمين گرين پاڪستان جي نالي تي ڦٻائي 40 ڳوٺن جي ملاحن کي بي گهر ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي اهڙين ناانصافين سميت درياءُ تي ڌاڙي خلاف دريائن جي عالمي ڏينهن 14 مارچ تي رٿيل ميڙاڪي ۾ تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
ٺٽي ويجھو ٺٽو/جهمپير روڊ تي بڪڪ اسٽاپ ڀرسان نامعلوم هٿياربند ڦورن ھٿيارن جي زور تي ياسين بروهي کان سي ڊي موٽر سائيڪل، ھزارين روپيہ روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ھوڏانھن مڪلي تي ٻوڏ متاثرين لاء قائم ٿيل ترڪش ڪالوني مڪلي جي رھواسي غلام قادر ميربحر جي غير موجودگي ۾ سندس بند ٿيل ڪواٽر نمبر 1731 ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم چور داخل ٿي ڪواٽر م لڳل قيمتي پنکا، وائيرنگ، پاني جا نلڪا، پاڻي جون لائينون ڪڍي کڻي فرار ٿي ويا، ٻنھي وارداتن جي ٺٽو توڙي مڪلي پوليس کي آگاھي ڏيڻ باوجود پوليس ڏوھارين خلاف ڪابہ ڪاروائي ڪري ناھي سگھي.

اپنا تبصرہ بھیجیں