چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاھ انڊس ھاء وي روڊ ڄامشورو کان سيوھڻ تائين ڊيوئل ڪيريج روڊ جي تعمير ء رڪاوٽن ء ٿيندڙ المناڪ حادثن جائزي وٺڻ لاء شھباز ھال ۾ گڏجاڻي ڪئي


محڪمه اطلاعات حيدرآباد
18 اپريل 2024
چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاھ شھباز ھال حيدرآباد ۾ سيوھڻ شھر ء درگاھ لعل شھباز قلندر جي مزار جي بحالي ء بيوٽيفيڪيشن ء ڄامشورو کان سيوھڻ تائين ڊيوئل ڪيئريج روڊ بابت گڏجاڻي جي صدارت ڪئي . گڏجاڻي سان خطاب ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاھ چيو ته ميلي دوران زائرين کي درگاھ تائين پھچڻ ۾ تمام گھڻي تڪليف ٿئي ٿي ۽ ھن گڏجاڻي جو مقصد درگاھ طرف ويندڙ روڊ ء گھٽين کي ويڪرو ڪرڻ ، انڪروچمينٽ ھٽائڻ ۽ سيوھڻ شھر جي بحالي آھي، ان لاء باء پاس کان درگاھ ڏانھن ويندڙ روڊ کي ويڪرو ڪري ، فوٽ پاٿ ٺھرايا وڃن. ھن چيو ته گاڏين جي پارڪنگ ، بس اسٽينڊ جي بحالي ۽ ڊرينيج اسڪيمن کي بحال ڪيو وڃي . چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته درگاھ کان روڊ قلعي تائين وڃڻ گھرجي. ھن اوقاف کاتي جي آفيسرن کي سخت ھدايتون ڏيندي چيو ته زائرين کي مزار تي حاضري جو باقائده طريقه ڪار ترتيب ڏيئي. چيف سيڪريٽري سنڌ چيئرمين سيوھڻ کي ھدايت ڏني ته سيوھڻ ميونسپل ۾ ٽيڪس ڪليڪشن تي ڌيان ڏنو وڃي . سيد آصف حيدر شاھ، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروس سيد اعجاز شاھ کي ھدايت ڪئي ته ورڪس اينڊ سروسز کاتو درگاھ طرف ويندڙ روڊ جي وائيڊننگ جي اسڪيم ٺاھي ۽ چيئرمين، سيوھڻ بس اسٽينڊ جي اسڪيم ٺاھي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ حوالي ڪري. جڏھن ته سيڪريٽري پبلڪ ھيلٿ سيوھڻ جو دورو ڪري رھيل ڊرينج اسڪيم کي مڪمل ڪرائي . گڏجاڻي ۾ بريفنگ ڏيندي ايس ايس پي ڄامشورو طارق علي چيو ته ميلي دوران وڏي تعداد ۾ زائرين اچن ٿا، درگاھ جي انٽري ۽ ايگزٽ پوانٽس سوڙھيون آھن جنھن سان سيڪيورٽي جا مسئلا ٿين ٿا ان کي نئين سر تعمير ڪرايا وڃن ۽ درگاھ جي ويجھو، پوليس اسٽيشن جي عمارت ٺھرائي ڏني وڃي. سيڪريٽري ھيلٿ ريحان بلوچ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سيوھڻ ۾ ميڊيسن ويئر ھائوس تيار ٿيڻ وارو آھي. اجلاس ۾ سيڪريٽري بلديات سيد خالد حيدر شاھ، سيڪريٽري پبلڪ ھيلٿ سهيل قريشي، سيڪريٽري هيلٿ ريحان بلوچ، ڪمسنر حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد پڻ شرڪت ڪئي.

انفارميشن ڊيپارٽمينٽ
حيدرآباد : 18 اپريل
هينڊ آئوٽ
چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاھ انڊس ھاء وي روڊ ڄامشورو کان سيوھڻ تائين ڊيوئل ڪيريج روڊ جي تعمير ء رڪاوٽن ء ٿيندڙ المناڪ حادثن جائزي وٺڻ لاء شھباز ھال ۾ گڏجاڻي ڪئي . گڏجاڻي ۾ ڳالھائيندي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاھ چيو ته اين ايڇ اي روڊ جي تعميرات ۾ ڪافي دير ڪئي آھي ء مقرر وقت ۾ ڪم مڪمل ناھي ٿي سگھيو آھي .هن چيو ته ان متعلق وزيراعلي سنڌ ، وزيراعظم پاڪستان سان پڻ ڳالھايو آھي . چيف سيڪريٽري سنڌ افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته روڊ مڪمل نه ٿيڻ سبب قيمتي جانين جو نقصان ٿي رھيو آھي . ھن چيو ته کيس ٻڌايو ويو آھي ته 2019 کان ھيل تائين 115 ماڻھو فوت ء 317 زخمي ٿي چڪا آھن جيڪو ڏاڍو افسوسناڪ آھي .
گڏجاڻي ۾ بريفنگ ڏيندي اين ايڇ اي آفيسرن ٻڌايو ته ڊيول ڪيريج وي، جون 2024 تائين مڪمل ٿي ويندو. ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل موٽر وي محمد سليم ٻڌايو ته انڊس ھاء وي ۾ ڏھ خطرناڪ موڙ آھن جنھن سبب نوي فيصد حادثا ٿين ٿا. گڏجاڻي سان ڳالھائيندي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاھ چيو ته ماحولياتي تبديلن کي نظر ۾ رکندي پاڻي جي وھڪرن جو خيال رکيو وڃي جنهن لاء ڪلورٽس تعمير ڪيا وڃن ۽ 2022 جي برساتن کي نظر ۾ رکندي روڊ جي تعمير ڪئي وڃي. چيف سيڪريٽري سنڌ جي موٽر وي پوليس کي نفري وڌائڻ جي ھدايت ڪئي ويئي
گڏجاڻي ۾ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز ء ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدرشاھ ھڪ ڌار ميٽنگ ۾
حيدرآباد جي ترقياتي ڪمن بابت گڏجاڻي ڪئي گڏجاڻي ۾ عبداستار ايڌي روڊ ء آٽوبان روڊ بابت بريفنگ ورتي .
گڏجاڻي ۾ ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عبدالستار ايڌي روڊ تي ڪجھ گھر تعمير ٿيل آھن انھن جي معاوضي لاء. پئسا.آيل آھن ، ء مذڪورھ روڊن تان حيسڪو جون ھاء ٽرانسميشن پول به ھٽائڻ جي ضرورت آھي .

اپنا تبصرہ بھیجیں