
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي): فوڪل پرسن رین ايمرجنسي ۽ صوبائي وزير ورڪس سروسز ۽ جيل حاجي علي حسن زرداري، ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن سان گڏ گهارو شھر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال جي نگراني ڪئي ۽ پيش رفت جو جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميہ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، پيپلز پارٽي عوام کي ڪنهن به ڏکئي وقت ۾ اڪيلو ھر گز نه ڇڏيندي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو ڊاڪٽر راشد چنہ ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.


