سنڌ جي ڪوآپريٽو کاتي ۾ ڪرپشن نيٽ ورڪ وائکو…رجسٽرار واجد شيخ خلاف اينٽي ڪرپشن حرڪت ۾، جعلي پي ايس فيضان کھڙو بھ گھر ڀيڙو

سنڌ جي ڪوآپريٽو کاتي ۾ ڪرپشن نيٽ ورڪ وائکو…رجسٽرار واجد شيخ خلاف اينٽي ڪرپشن حرڪت ۾، جعلي پي ايس فيضان کھڙو بھ گھر ڀيڙو
رپورٽ: نذير ميمڻ
سنڌ جي ڪوآپريٽو کاتي ۾ مبينا ڪرپشن بانڊو آخرڪار ڦاٽي پيو….الاٽيز ۽ شهرين جي دانهن تي اينٽي ڪرپشن وڏي ڪارروائي شروع ڪندي رجسٽرار عبدالواجد شيخ خلاف باقاعده جاچ کولي ڇڏي آهي، جڏهن ته صوبائي صلاحڪار احسان مزاري جو “غيرقانوني طور لڳايل پي ايس” فيضان عنايت کھڙو به آخرڪار گهر ڀيڙو ٿي ويو آھي…
اينٽي ڪرپشن جي ڊي جي طرفان ايسٽ زون جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته واجد شيخ خلاف سڀني الزامن جي هر نُڪتي جي سچائي کي چڪاس ڪري فوري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.
الاٽيز موجب رجسٽرار واجد شيخ خلاف داخل شڪايتن ۾ رشوت، بليڪ ميلنگ، سوسائٽيز کي زوري بليڪ لسٽ ڪرڻ جهڙا ڳڻتي جوڳا الزام شامل آهن، جن جا ثبوت اينٽي ڪرپشن وٽ موجود آهن۔
ٻئي پاسي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ اينٽي ڪرپشن ۾ لڳاتار درخواستون داخل ٿيڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت آخرڪار جاڳي پئي ۽ وڏي وزير جي صلاحڪار احسان مزاري جي پي ايس فيضان عنايت کھڙو کي، جيڪو ڊيپيوٽيشن تي ڪوآپريٽو کاتي ۾ ويٺو هو، فوري طور واپس پنهنجي کاتي ڏانھن اماڻيو ويو آھي.
سرڪاري نوٽيفڪيشن مطابق فيصلي تي فوري طور عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي ۽ سڀني لاڳاپيل کاتن کي پڻ آگاهه ڪيو ويو آھي.
واضح رهي ته فيضان کھڙو، جيڪو اصل ۾ پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جو اڪائونٽس آفيسر هو، کيس سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ابتڙ ڪوآپريٽو ڊپارٽمينٽ کاتي ۾ اسسٽنٽ رجسٽرار ۽ صلاحڪار جو پي ايس لڳايو ويو هو۔
الاٽيز موجب فيضان کھڙو ۽ رجسٽرار واجد شيخ جي مبينا گٺ جوڙ کانپوءِ40 کان وڌيڪ سوسائٽيز کي زوري بليڪ لسٽ ڪيو ويو آھي..
سوسائٽيز جي ايڊمنسٽريٽرن ۽ سيڪريٽرين کان 10–10 لک روپيا ماهوار ڀتو پڻ طلب ڪيو ويو………
مختلف الاٽيز کان اين او سيز جي نالي تي 50–50 هزار رشوت گهري وئي…….
رشوت نه ڏيندڙن کي پلاٽ ضبط ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون………
الاٽيز جا بيان، دستاويزي ثبوت ۽ ثبوت طور رڪارڊنگز پڻ اينٽي ڪرپشن حوالي ڪيا ويا آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مبينا ڪرپشن جو دائرو تمام وڏو آهي۔
سول سوسائٽي جي حلقن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جاچ شفاف ٿي ته ڪوآپريٽو کاتي جي “اصلي ڪهاڻي” سامهون ايندي ۽ ٻيا وڏا نالا به سامهون اچي سگھن ٿا۔…..
#CooperativeCorruption
#SindhCorruptionExpose
#WajidShaikhScandal
#AntiCorruptionAction
#FakePSFayzanKharro
#CorruptionNetworkBusted
#JusticeForAllottees

اپنا تبصرہ بھیجیں