موسمي صورتحال (30–31 جولاءِ):
• سخت برسات سبب دير، سوات، شانگله، مانسهره، ڪوهيستان، ايبٽ آباد، ڪوهاٽ، ڪرڪ، هنگو، ٽانڪ، ڊي جي خان، مري، گليات ۽ ڪشمير جي مقامي وهڪرن ۽ برساني نالن ۾ اوچتو ٻوڏ (Flash Flooding) جو خطرو آهي. عوام کي احتياط جي هدايت ڏني وئي آهي.
• اسلام آباد/راولپنڊي، گوجرانواله، لاهور، سيالڪوٽ، نوشهره ۽ پشاور جي گهٽ علائقن ۾ شهري ٻوڏ (Urban Flooding) جو انديشو آهي.
• خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير، مري ۽ گليات جي پهاڙي علائقن ۾ سلائيڊنگ جي ڪري ٽريفڪ جي آمد و رفت متاثر ٿيڻ جو خطرو موجود آهي.
• گرج چمڪ، سخت برسات، آندهي ۽ طوفاني هوائن سبب روزمره زندگي متاثر ٿي سگهي ٿي، خاص طور تي ڪچا گهر، ڀتيون، بجلي جا پول، بل بورڊ، گاڏيون، ۽ سولر پينل وغيره متاثر ٿي سگهن ٿا.
اربع (30 جولاءِ) لاءِ اڳڪٿي:
ڪشمير، خيبرپختونخوا، مٿئين/وچولي پنجاب، اسلام آباد ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن سان گڏ گرج چمڪ واري برسات متوقع آهي. ڪشمير، اوڀر پنجاب، خطه پوٺوهار ۽ خيبرپختونخوا جي ڪيئي علائقن ۾ موسلاڌار برسات جو امڪان آهي. اوڀر بلوچستان ۾ به ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات متوقع آهي.
ڏکڻ پاڪستان ۾ موسم گرم ۽ انتهائي ڳرو (humid) رهڻ جو امڪان آهي.
خميس (31 جولاءِ) لاءِ اڳڪٿي:
ڪشمير، خيبرپختونخوا، پنجاب، اسلام آباد، اوڀر بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائون، گرج چمڪ ۽ برسات جو امڪان آهي. ڪشمير، اوڀر پنجاب، پوٺوهار ۽ خيبرپختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي شديد برسات ٿي سگھي ٿي.
ڏکڻ علائقن ۾ موسم اڃا به گرم ۽ نمي وارو رهڻ جو امڪان آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران برسات جا انگ اکر:
اسلام آباد: سيدپور 91mm، ZP 52mm
راولپنڊي: شمس آباد 81mm، نيو ڪٽاريا 75mm
جهلم: 83mm، گجرانواله: 39mm
ڪشمير: ڪوٽلي 75mm، مظفرآباد 14mm
مردان: 25mm، ڪاڪول: 20mm
گلگت بلتستان: گوپس 04mm، بگروٽ 02mm
وڌيڪ گرمي: دادو 46°C، دالبندين ۽ نوڪندي 45°C
اسلام آباد لاءِ اڳڪٿي:
اربع (30 جولاءِ): آسمان ابر آلود، گرج چمڪ ۽ برسات. رات جو موسلاڌار برسات جو امڪان.
خميس (31 جولاءِ): آسمان ابر آلود، تيز هوائون ۽ گرج چمڪ سان گڏ برسات، ڳري برسات متوقع.


