
پريس رليز
ڪراچي 20 مارچ 2025: سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ غير قانوني تعميرن جي روڪٿام، انهن جي خاتمي، بلڊرز ۽ الاٽيز وچ ۾ تڪرارن جي حل ۽ شڪايتن جي تدارڪ لاءِ ڊپارٽمينٽل سمارٽ آپريٽنگ پروسيجر متعارف ڪرايو ويو آهي۔ واضح رهي ته عوامي شڪايتن بابت سمارٽ آپريٽنگ پروسيجر جاي جوڙ جڪ معزز سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن مطابق طئي ڪئي وئي آهي۔ انهيءَ سلسلي ۾ ايس بي سي اي معزز عدالت جي CP No D-4421 of 2020 ۽ CP No D-616 of 2025 جي تڪميل ۾ آن لائن سمارٽ شڪايت ازالو نظام (SCRM) متعارف ڪرائيندو۔ سمارٽ شڪايت ازالو نظام (SCRM) SOP جي حوالي سان، غير قانوني ۽ غير مجاز تعميرن بابت شڪايتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ منظم نظام تجويز ڪيو ويو آهي۔ هي نئون طريقو شهرين کي مختلف چينلز جهڙوڪ ويب سائيٽ، موبائل ايپ، يو اي اين نمبر، ۽ وڪ-اِن سينٽرز ذريعي شڪايتون داخل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو۔ تفصيلن مطابق، هاڻي شڪايت ڪندڙ جديد دور جي تقاضائن مطابق ايس بي سي اي جي ويب سائيٽ (www.sbca.gos.pk) ۽ موبائل ايپ (اسمارٽ ايس بي سي اي) ذريعيUAN نمبر (111-007-222) تي غير قانوني ۽ غير مجاز تعميرن يا ڪنهن به پرائيويٽ-پبلڪ سيل پروجيڪٽس/اوپن پلاٽ اسڪيم جي ايس بي سي اي جي ماڊل ايگريمينٽ جي خلاف ورزي بابت شڪايتون داخل ڪري سگهن ٿا۔ جڏهن ته ايس بي سي اي ۾ واڪ-اِن ڪمپلينٽ سينٽر اڳ ئي قائم ڪيو ويو آهي، جتان شڪايت ڪندڙ SCRM ذريعي پنهنجي شڪايت جي اڳڀرائي کي به ڏسي سگھندا۔ سمارٽ ڪمپلينٽ سينٽر ذريعي پروجيڪٽ، بلڊر ۽ ڊولپرز جي شڪايتن، ۽ الاٽيز جي وچ ۾ تڪرارن کي نبيرڻ لاءِ، ايس بي سي اي پبلڪ سيل ايڊورٽائزنگ اينڊ شڪايت سيڪشن (PSA&C) 3 ڏينهن اندر بلڊرز ۽ ڊولپرز خلاف شڪايت جي حيثيت جي تصديق ڪندو. قانوني ڪارروائي جيڪڏهن تعمير منظور شده بلڊنگ پلان جي حدن اندر آهي، ته ايس بي سي اي جو لاڳاپيل ضلعي سيڪشن شڪايت ڪندڙ کي آگاهه ڪندو۔ پر جيڪڏهن تعمير غيرقانوني يا غيرمنظور شده آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول آرڊيننس 1979 جي سيڪشن 7-A تحت، ضلعي ڊائريڪٽر طرفان بلڊر/مالڪ کي 7 ڏينهن اندر نوٽيس جاري ڪيو ويندو۔ جيڪڏهن بلڊر شوکاز نوٽيس جو جواب ڏئي ٿو، ته ان جي ڪاپي شڪايت ڪندڙ کي فراهم ڪئي ويندي، ۽ 7 ڏينهن اندر ٻڌڻي لاءِ طئي ڪئي ويندي۔ ايس بي سي اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل جي اڳيان، شڪايت ڪندڙ، بلڊر ۽ الاٽي جي موجودگي ۾ سماعت ٿيندي۔ اڳتي جي ڪارروائي اگر PSA&C بلڊر يا ڊولپر خلاف فيصلو ڪري ٿو، ته فريقدار کي اطلاع ڏنو ويندو۔ فيصلو SBCO 1979 جي سيڪشن 16 تحت، 30 ڏينهن اندر اپيل لائق هوندو، جنهن تي ضلعي ڊائريڪٽر يا اپيلٽ اٿارٽي جو فيصلو 4 هفتن اندر لاڳو ڪيو ويندو. ڪراچي بلڊنگ ٽائون پلاننگ اينڊ ريگيوليشنز-2002 مطابق، جيڪڏهن تعمير تي قبضو ٿي چڪو آهي ته 8 هفتن اندر عملدرآمد ڪيو ويندو۔ غير قانوني تعميرن خلاف شڪايتن، قانون جي ڀڃڪڙي، بلڊرز-الاٽيز وچ ۾ تڪرارن جي حل ۽ تدارڪ ۾ ڪم جي دير تي، متعلقہ ضلعي ڊائريڪٽر جي سستي يا ناڪامي تي E&D قانون تحت ڪارروائي ڪئي ويندي۔ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل (I) جي سربراهي ۾ هر 15 ڏينهن تي اجلاس منعقد ٿيندو، جتي پورٽل تي درج شڪايتن جي تصديق ۽ ڪارروائي تي جائزو ورتو ويندو۔ ماہوار رپورٽ ڊائريڪٽر جنرل (SBCA) کي پيش ڪئي ويندي۔ ضلعي ڊائريڪٽر، PSA&C سيڪشن ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن وچ ۾ مضبوط رابطي لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويندو، جيڪو IT ڊائريڪٽر (SBCA) جي ذريعي لازمي تربيت حاصل ڪندو ته جيئن سڀني مرحلن تي بروقت عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگھجي۔ ايس بي سي اي طرفان متعارف ڪرايل هي سمارٽ شڪايت ازالو نظام (SCRM) شهرين کي تيز، موثر ۽ شفاف طريقي سان انصاف فراهم ڪرڻ جي هڪ اهم ڪوشش آهي، جيڪا جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان غير قانوني تعميرن جي روڪٿام ۽ عوامي شڪايتن جي حل ۾ مددگار ثابت ٿيندي۔
ڏوگر


