ريونيو، صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير محمد يونس ڍاگا اڄ سيڪريٽري صنعت ۽ ڪامرس رشيد سولنگي جي آفيس ۾ صنعت ۽ واپار واري کاتي جي لاڳاپيل شعبن بابت بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڪراچي (19 سيپٽمبر 2023: ريونيو، صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير محمد يونس ڍاگا اڄ سيڪريٽري صنعت ۽ ڪامرس رشيد سولنگي جي آفيس ۾ صنعت ۽ واپار واري کاتي جي لاڳاپيل شعبن بابت بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم ڊي سائيٽ غضنفر علي قادري ۽ ايس ايس آءِ سي جي ڪانٽريڪٽرن، سنڌ گورنمينٽ پرنٽنگ پريس جي آفيسرن ۽ انڊسٽريز اينڊ ڪامرس ڊپارٽمينٽ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران صوبائي وزير محمد يونس ڍاگا کي صنعت ۽ واپار کاتي جي مختلف شعبن جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي نگران صوبائي وزير محمد يونس ڍاگا آفيسرن تي زور ڀريو ته صنعت ۽ واپار وارو کاتو پاڪستان خاص ڪري سنڌ صوبي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سنڌ ۾ موجود صنعتن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ نئين صنعتن جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موجوده نگران حڪومت جي اها خواهش آهي ته رٿيل صنعتي ۽ ڪمرشل منصوبن کي هر ممڪن مناسب رفتار سان مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ حڪومت لاءِ بهتر لائحه عمل فراهم ڪري سگهجي.
هينڊ آئوٽ نمبر 825 ڏوگر
=====================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں