سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ڪابينا ۾ وڌيڪ 8 وزيرن جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ ڪابينا ۾ وزيرن جو ٽوٽل انگ 18 ٿي ويو آهي.


ڪراچي (17 اپريل): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ڪابينا ۾ وڌيڪ 8 وزيرن جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ ڪابينا ۾ وزيرن جو ٽوٽل انگ 18 ٿي ويو آهي. نون وزيرن ۾ ڄام اڪرام الله ڌاريجو، محمد علي ملڪاڻي، مخدوم محبوب الزمان، دوست محمد راهمون، شاهد عبدالسلام ٿهيم، رياض حسين شاهه شيرازي، شاهينه شير علي ۽ مير طارق علي ٽالپر شامل آهن. گورنر هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ سنڌ جي گورنر محمد ڪامران ٽيسوري نون وزيرن کان حلف ورتو. تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، ميئر ڪراچي، صوبائي سيڪريٽرين ۽ نون چونڊيل وزيرن جي گهرڀاتين شرڪت ڪئي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں