ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان ٺٽي ضلعي جي مختلف سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ CPEC ۽ NON-CPEC منصوبن جو دورو ڪري انهن هنڌن تي سيڪيورٽي انتظامن خاص ڪري انهن منصوبن تي موجود چيني شهرين جي سيڪيورٽي جو تفصيلي جائزو


ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان ٺٽي ضلعي جي مختلف سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ CPEC ۽ NON-CPEC منصوبن جو دورو ڪري انهن هنڌن تي سيڪيورٽي انتظامن خاص ڪري انهن منصوبن تي موجود چيني شهرين جي سيڪيورٽي جو تفصيلي جائزو وٺندي ڊيوٽي تي مقرر پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ھدايتون ڏيندي SSP ٺٽو چيو ته ھو آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران سيڪيورٽي جي بهترين انتظامن بابت جاري ڪيل حڪمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ ڪنهن به چيني شهري کي بغير سيڪيورٽيءَ جي ڪٿي به وڃڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، ھو سنڌ حڪومت جي حڪمن تي سختي سان عمل ڪن، ان حوالي سان سموريون رسمون مڪمل ڪيون وڃن، هن چيو تہ ڪو به شخص خلاف ورزي ڪندو ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻئي طرف ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان جي حڪم تي ٺٽو پوليس پاران ڏوهاري عنصرن خلاف ڪامياب ڪاروايون جاري آھن، ان سلسلي ۾ ضلعي ٺٽي جي پوليس پاران 16 مارچ تي رات جو دير سان پوليس اسٽيشن مڪلي جي حد توڪل سي اين جي اسٽيشن تان اڻڄاتل جوابدار پاران 125 موٽر سائيڪل، سي ڊي 70 موٽر سائيڪل، 2 موبائيل فون ۽ ھڪ لک 30 هزار روپيا روڪ رقم ملازمن کي يرغمال بنائي ڦر ڪري فرار ٿي ويا ھئا. جنھن جو ڪيس مئنيجر غلام مرتضيٰ نوهڙيو جي مدعيت ۾ مڪلي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو. جنھن ڪيس جي سلسلي ۾ ssp ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان پاران جوڙيل اعليٰ پوليس آفيسرن تي مشتمل ٽيم پيشيوراڻي انداز ۾ ڪيس کي ٽريس ڪري مڪلي ٿاڻي جي حد اندر ڪاروايون ڪري 2 سرگرم جوابدار انيس ناريجو ۽ علي رضا ولد محمد رمضان بروهي کي گرفتار ڪري ورتو. جن شروعاتي جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف ڪندي انڪشاف ڪيو ته هو ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آھن، جن جو پوليس ڪرمنل رڪارڊ طلب ڪري ورتو آھي، گرفتار ڏوھارين وٽان پوليس توڪل سي اين جي اسٽيشن واقعي ۾ چوري ٿيل سي ڊي 70 موٽر سائيڪل، ھڪ لک 30 هزار روپيا روڪ رقم، ڦر ٿيل هٿيار ۽ ريپٽر برامد ڪري پوليس پاران ڪيس جي جاچ ۾ تيزي آڻي ڇڏي آھي.

اپنا تبصرہ بھیجیں