
ٺٽو(ڊر) ٺٽي شھر جي ٽائون ھال ڀرسان گذريل رات دير سان نثار ناھيو جي گھر اندر چئن نامعلوم چورن داخل ٿي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ گھر ڀاتين کي سجاڳي ٿي پئي، گھر ڀاتين مڙسي ڪري ھڪ چور قادر بخش سومرو کي سوگھو ڪري ورتو، جڏھن تہ سندس 3 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پڪڙيل چور کي گھر ڀاتين ٺٽي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پڪڙيل چور قادر بخش عرف نانا سومرو بڌايو تہ ھو 4 ڄڻا ھئا، جيڪي
چوري جي ارادي سان گھر ۾ گھڙيا تہ گھر ڀاتين کي سجاڳي ٿي پئي، جن مونکي پڪڙي ورتو، جڏھن تہ سندس 3 ساٿين رصوان لاسي، ڪاشي مغل ۽ اشرف موقعي مان فائدو وٺي فرار ٿي ويا، ٺٽو پوليس فرار ٿيل ٽنھي چورن جي ڳولا جاري ڪري ڇڏي آھي، اخري اطلاعن تائين فرار ٿيل ڪوبہ چور گرفتار ٿي نہ سگھيو ھو.


